ڪراچي جي علائقي ملير جناح اوينيو ڀرسان تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ هڪ موٽر سائيڪل سوار فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب حادثو ان وقت پيش آيو، جڏھن ڊمپر ۽ هڪ مسافر ڪوچ ريس لڳائي رھيا هئا، تيز رفتاري دوران مسافر ڪوچ هڪ ڪار کي ٽڪر هنيو، جڏھن تہ ڊمپر موٽر سائيڪل تي چڙھي ويو.
پوليس ٻڌايو تہ موٽر سائيڪل تي 3 ڄڻا سوار هئا، حادثي ۾ هڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، ٻيو زخمي ٿي پيو، جڏھن تہ هڪ ڄڻو محفوظ رھيو.
پوليس موجب حادثي ۾ ڪار کي بہ نقصان پهتو پر ڊرائيور محفوظ رھيو، جڏھن تہ واقعي کانپوءِ ڊمپر ڊرائيور فرار ٿي ويو.
پوليس ڊمپر ۽ ڪلينر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏھن تہ ڊرائيور جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن….