ڪراچي ۾ فائرنگ ۾ سينيئر وڪيل خواجہ شمس الاسلام مارجي ويو، واقعو جمعي ڏھاڙي منجھند جو پيش آيو، پوليس موجب ڊفينس فيز سڪس ۾ مسجد ٻاھران فائرنگ ۾ سينيئر وڪيل خواجھ شمس الاسلام مارجي ويو ۽ سندس پٽ سميت 3 ڄڻا زخمي ٿيا آھن.
پوليس موجب خواجہ شمس الاسلام خيابان راحت ۾ ٻيپھري جي نماز پڙھي مسجد مان نڪتو تہ تاڙ ۾ ويٺل اڻڄاتل جوابدار مٿس فائرنگ ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ خواجھ شمس الاسلام ۽ سندس پٽ سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ويجھي جي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي خواجھ شمس الاسلام زخمن جي سٽ نہ سھندي دم ڏنو.
پوليس موجب شمس الاسلام کي 3 گوليون لڳيون، واقعي جا سي سي ٽي فٽيجز بہ سامھون اچي ويا آھن، سي سي ٽي وي فٽيجز ڏسي سگھجي ٿو تہ منھن تي ماسڪ پھريل ھٿياربند شخص مسجد جي احاطي ۾ فائرنگ ڪري ٿو ۽ آساني سان فرار ٿي وڃي ٿو.
پوليس موجب ڀرپاسي واري علائقن ۾ لڳل ٽن سي سي ٽي وي ڪيمرائن جا فٽيجز حاصل ڪري ورتا آھن، جن ۾ ھڪ شڪي شخص نظر اچي رھيو آھي، جڏھن تہ ٻيو شخص مبينا فائرنگ ڪندڙ شخص کي مبينا طور تي بيڪ اپ فراھم ڪري رھيو ھو.
خواجھ شمس الاسلام ڪراچي جو سينيئر وڪيل ھو، پوليس موجب خواجہ شمس الاسلام سول، ڪرمنل ۽ زميني تڪرارن جي ڪيسز جو ماھر ھو، ھو ڪيترن ئي ھاءِ پروفائيل ڪيسز جي پيروي ڪري رھيو ھو، ان کان علاوہ سول ۽ ڪرمنل ڪيسز جي بہ پيروي ڪري رھيو ھو.
ٻي پاسي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ ۽ صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڏکڻ کان شروعاتي رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي، گھرو وزير ھدايت ڪئي آھي تھ جوابدارن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.
خواجہ شمس الاسلام قتل ڪيس ۾ بہ نامزد ھو
خواجہ شمس الاسلام خلاف ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ پوليس سان جھيڙي جون ايف آءِآز بہ داخل ٿيون ھيون،مٿس مارچ 2019 ۾ قتل ٿيل ذوالفقار نالي شخص جي قتل جو بہ الزام ھو، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنھور خواجہ شمس السلام جي قتل ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي ھئي.

خواجہ شمس الاسلام تي فائرنگ ڪندڙ جوابدار ڪير ھئا؟
پوليس شڪ ظاھر ڪيو آھي تھ خواجہ شمس الاسلام تي حملي ۾ سندس اڳوڻي گارڊ جو پٽ ملوث ٿي سگھي ٿو، ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا موجب عمران آفريدي ڪجھھ مھينا اڳ بہ خواجہ شمس الاسلام تي حملو ڪيو ھو.
شمس الاسلام تي لوھي راڊن سان بہ حملو ٿي چڪو ھو
نومبر 2004 ۾ ڪراچي ۾ خواجہ شمس الاسلام تي حملو ٿيو ھو، پوليس ٻڌايو ھو تہ جوابدارن عبداللہ، سرفراز خان ۽ بھار گل ڪلفٽن ۾ سينيئر وڪيل تي حملو ڪيو ھو، جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ھو.
پوليس جو چوڻ آھي تھ خواجہ شمس الاسلام تي ان کان اڳ بھ نومبر 2004 ۾ فائرنگ ڪئي وئي ھئي، پير ۾ گولي لڳڻ سبب ھو زخمي ٿي پيو ھو، خواجہ شمس الاسلام تي فائرنگ جي الزام ھيٺ پوليس ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ھو، جيڪي اڃا تائين جيل ۾ آھن.