ڪراچي: ڀٽائي آباد ۾ ٽن عورتن کي قتل ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل

فہرستِ مضامین

ڪراچي ( رپورٽ: عرفان  عالماڻي ) ڪراچي جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ مامي پاران 3 ڀاڻيجين کي مبينا طور ڪھي قتل ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس ملير ڪينٽ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آھي.

پوليس موجب ڪيس مقتول ڀينرن جي ھڪ ڀاءُ ۽ ھڪ مقتول عورت جي مڙس جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آھي، ايف آءِ آر ۾ زخمي جوابدار اجي ولد رامون کي نامزد ڪيو ويو.

ايف آءِ آر موجب گذريل ڏينھن ڀٽائي آباد ۾ جوابدار اجي ڇرين جا وار ڪري پنھنجي 3 ڀاڻيجين کي ڪھي قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن تہ 14 ورھين جي ھڪ نينگري نندني بہ حملي ۾ زخمي ٿي پئي ھئي.

واقعي بعد جوابدار اجي ولد رامون آپگھات جي ڪوشش بہ ڪئي، جنھن کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي.

اسپتال ۾ زخمي ٻارڙي نندني پوليس کي بيان ڏنو تہ سندس مامي گھر ڀاتين تي حملو ڪري سندس 3 ڀينرن کي ڇريون ھڻي قتل ڪيو ۽ کيس زخمي ڪيو، ھن ٻڌايو تھ جوابدار واقعي بعد آپگھات جي ڪوشش بہ ڪئي.

ٽن عورتن جا ڳلا ڪپيل لاش ھٿ اچڻ وارو واقعو

پوليس موجب گلستان جوھر جي ڀٽائي آباد واري علائقي ۾ ٽن عورتن جا ڳلا ڪپيل لاش مليا ھئا، جن جي سڃاڻپ 17 ورھين جي دانيا، 25 ورھين جي مينا ۽ 20 ورھين جي ايشا طور ڪئي وئي ھئي

واقعي واري ھنڌ تان 14 ورھين جي نينگري نندني ۽ ھڪ مرد اجي زخمي حالت ۾ مليا، ھڪ ٻي عورت بہ زخمي حالت ۾ ملي ھئي، جنھن دعويٰ ڪندي چيو ھو تہ ھوءَ مقتول عورتن جي پاڙي ۾ رھندي ھئي، عورت موجب ھوءَ دانھن تي پھتي تہ جوابدار کيس بہ ڇري ھڻي زخمي ڪيو.

ڊبليو ٽي اين جي ٽيم واقعي واري هنڌ ڇا ڏٺو؟

ڊبليو ٽي اين جي ٽيم واقعي جي اطلاع بعد جڏھن ڀٽائي آباد اُن گهر ۾ پهتي جتي ٽن عورتن کي قتل ۽ نينگري کي زخمي ڪيو ويو هو، اُتي جو ماحول سوڳوار ۽ اُتي موجود ماڻهن جي چهرن تي خوف پکڙيل هو.

 پوليس موجب گھر اندر 3 عورتن جا لاش پيل ھئا جن کي ڇري سان ڪھي قتل ڪيو ويو ھو،حملي ۾ ھڪ مرد ۽ 14 ورھين جي نينگري نندني زخمي ٿي پئي، جنھن کي پڻ ڳلي تي گھرو زخم لڳل آھي، کين جناح اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو. .

مقتول عورتن جي مامي ڊبليو ٽي اين کي ڇا ٻڌايو؟

مقتول عورتن جي مامي راجو ڊبليو ٽي اين جي رپورٽر عرفان عالماڻي سان ڳالھه ٻولھه ڪندي چيو ته واقعي واري ھنڌ ھو گھر ۾ موجود نه ھو، سندس گھر واري دوست جي نمبر تي فون ڪري کيس اطلاع ڏنو.

راجو جو چوڻ آھي کيس خبر نه آھي ڪنھن قتل ڪيا آھن، گھر ۾ ڪا به اڻبڻت نه ھئي، سڄي فيملي سڪون سان رھي پئي، آئون گھر جي ھيٺين فلور تي رھندو آھيان، ڪڏھن اھڙو واقعو پيش نھ آيو، واقعي ۾ سندس ڀاءُ اجي جي ملوث ھئڻ جي جواب ۾ راجو چيو تھ کيس ان بابت ڪا بہ  خبر نہ آھي.

جناح اسپتال ۾ زخمي ٻارڙي جو بيان

جناح اسپتال ۾ قاتلاڻي حملي ۾ بچي ويل معصوم ٻارڙي نندني پوليس کي بيان ڏنو ھو سندس مامي اجي سندن ڀينرن کي ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو آھي، ٻارڙي نندني حالت پڻ خراب آھي، حملي کيس ڳلي ۽ جسم جي ٻين عضون تي زخم رسيا آھن .

پوليس جو موقف

ايس ايس پي ملير عبدالخالق شيخ موجب ٻارڙي جو بيان سامھون اچي ويو آھي، جنھن مطابق سندس 34 ورھين جي مامي اجي ولد رامون سندس ڀينرن کي قتل ڪرڻ بعد خودڪشي جي ڪوشش ڪئي.

ھن چيو تہ  واقعي جا ڪارڻ وقت سان سامھون ايندا، وڌيڪ ٻارڙي جي حالت بہ  بہ تر نھ آھي، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، واقعي واري ھنڌ مقتول عورتن جو والد گھر کان ٻاھر ۽ امڙ ڊيوٽي تي ويل ھئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں