ڪراچي ۾ ڀتاخوري ۾ ملوث پرڏيھي ملڪ ۾ موجود جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سنڌ حڪومت وفاق کي خط لکي ڇڏيو آھي.
ڪراچي ۾ بلڊرز ۽ واپارين جي شڪايت بعد ڀتاخورن خلاف ڪارروايون تيز ڪيون ويون آھن، وڏي وزير مراد علي شاھ جو چوڻ آھي تہ پرڏيھ ۾ ويٺل ڀتاخورن کي نہ ڇڏيو ويندو، ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو آھي.
ٻئي پاسي ايس ايس پي، ايس آءِ يو ڊاڪٽر عمران جو چوڻ آھي تہ ڀتاخورن خلاف روزانو جي بنياد تي ڪارروايون جاري آھن، ھن سال ھيل تائين 50 کان وڌيڪ ڀتاخورن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جڏھن تہ لڳ ڀڳ 170 شڪايتون مليون آھن.
هن چيو تہ جمعي جي صبح بہ هڪ ڀتا خور مقابلي ۾ مارجي ويو، جنهن جي موبائل فون مان مختلف واپارين جا نہ رڳو فون نمبر مليا پر اھا ڊيٽا بہ ريڪور ڪئي وئي جنھن ۾ ھن واپارين کان ڀتو طلب ڪيو ھو.
ڊاڪٽر عمران وڌيڪ چيو تہ بلڊرز جي تنظيم آباد جن 10 ڪيسن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن مان رڳو 3 واقعن جا ڪيس داخل ڪرايا ويا، جڏھن تہ 5 بابت ڪڏھن بہ آگاهه نہ ڪيو ويو، باقي 2 ڪيس ڪجهہ ڏينهن اڳ پيش آيا آهن جن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي۔…..