ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 35هين نيشنل گيمز جو ڪراچي ۾ افتتاح ڪري ڇڏيو، اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم، اولمپيئن اصلاح الدين ۽ ٻين جي گڏجي قومي راندين جي مشعل روشن ڪئي۔
35هين نيشنل گيمز جي افتتاحي تقريب نيشنل اسٽڊيم ڪراچي ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ مُلڪ ڀر مان آيل هزارين اٿليٽس، آفیشلز، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي۔
قومي راندين جي افتتاح جي حوالي سان سجايل تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ جيڪي ٻار هتي منهنجي سامهون ويٺا آهن، اهي سڀاڻي مُلڪ لاءِ ميڊلز کٽيندا، اميد آهي تہ سڀ گڏجي نيشنل گيمز کي ڪامياب بڻائيندا.
هن چيو تہ نوجوان مستقبل آهن ۽ راندين ۾ ڀرپور حصو وٺن، نیشنل گيمز جي ڪامياب ميزباني تي سڀني کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، 18 سالن بعد ڪراچي ۾ نيشنل گيمز منعقد ٿيڻ فخر جوڳي ڳالھ آھي.
ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاھ چيو تہ ڪراچي جي 24 هنڌن تي 32 راندين جا مقابلا منعقد ٿي رھيا آهن، هتي پاڪستان جي سمورن صوبن ۽ علائقن جي خوبصورتي ڏيکاري پئي وڃي، اهو اسانجو ميگا ايونٽ آهي۔
وڏي وزير چيو تہ سموري ملڪ مان آيل سڀني رانديگرن کي ڀليڪار چوان ٿو، اوھانب سڀني هن مقام تي پهچڻ لاءِ محنت ڪئي هوندي، اهو نہ رڳو سنڌ حڪومت لاءِ پر صوبي جي سڀني ماڻهن لاءِ فخر جي ڳالهہ آهي۔
مراد علي شاهہ وڌيڪ چيو تہ نيشنل گيمز 2 ڏھاڪن جي ڊگهي وقفي کانپوءِ ٻيهر ڪراچي ۾ منعقد ٿي آھي، اسان 35هين نيشنل گيمز کي يادگار لمحي ۾ تبديل ڪنداسين۔