انمول عرف پنڪي کان پوءِ هاڻي ڪراچي جي علائقي گلستانِ جوهر ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي گهربل منشيات فروش شيرين (شيرينا) کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب ملزمه کي سندس ٻن پٽن سميت ڪامران چورنگي کان گرفتار ڪيو ويو آهي. ملزمه شيرين هيروئن، چرس ۽ ٻي منشيات جو ڪاروبار ڪندي هئي.
پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ملزمه ڪجهه سال اڳ به گرفتار ٿي جيل وڃي چڪي آهي ۽ 2 سال اڳ واپس آئي هئي. شيرين عرف شيرينا خلاف لڳ ڀڳ 35 ڪيس داخل آهن.
پوليس موجب هڪ ڪيس ۾ ملزمه جي قبضي مان ھينڊ گرنيڊ (دستي بم) به برآمد ٿيو هو.
ملزمه پنهنجي فليٽ جي دريءَ مان سڌو سنئون هيروئن جي سپلاءِ ڪندي هئي.
پوليس گرفتار ملزمه ۽ ٻين جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.