لائیو ڪراچي پرائيويٽ اسڪولز اتحاد پاران ميٽرڪ جا امتحان ملتوي ڪرڻ جو مطالبو

فہرستِ مضامین

ڪراچي ۾ پرائيوٽ اسڪولز اتحاد 7 اپريل کان شروع ٿيندڙميٽرڪ جا امتحان ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي.

پرائيوٽ اسڪولز اتحاد ميٽرڪ جا امتحان ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي تہ اڃا تائين امتحاني مرڪز فائنل ناھن ٿيا، نہ ئي ايڊمٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ ممڪن آھي.

تنظيم وڌيڪ چيو تہ امتحاني سامان جي پھچ بہ ناھي ٿي، نہ ئي امتحاني مرڪز جو علم آھي، جڏھن تہ ٻيا انتظام بہ ناممڪن آھن.

ٻئي پاسي ميٽرڪ بورڊ جي ترجمان پاران چيو ويوآھي تہ ميٽرڪ امتحانن جا سمورا انتظام مڪمل آھن، ايڊمٽ ڪارڊ بورڊ آفيس جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيا ويا آھن.

ترجمان موجب پرائيويٽ اميدوارن جا ايڊمٽ ڪارڊ سندن رھائشگاھ جي ايڊريس تي اماڻيا ويا آھن، ڇنڇر جي ڏينھن بہ بورڊ آفيس کليل رھندع، جيڪي اميدوار ايڊمٽ حاصل نہ ڪري سگھيا آھن اھي بورڊ آفيس جي ڪمري نمبر 5 سان رابطو ڪن…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں