ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن ۽ استادن تي تشدد، احتجاج، ايف آءِ آر داخل

فہرستِ مضامین

ڪراچي: (بيورو رپورٽ)  ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي شاگردن ۽ استادن تي  تشدد واري واقعي کان پوءِ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، جڏهن ته متاثر ڌر واقعي خلاف احتجاج ڪندي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

سنڌي شاگردن موجب، هو سنڌي شعبي جي احاطي ۾ ويٺا هئا ته اوچتو اسلامي جمعيت طلبه سان لاڳاپيل هٿياربند شاگردن  حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي شاگرد ۽ ڪجهه استاد زخمي ٿي پيا. هڪ شاگردياڻي جو چوڻ هو ته بنا ڪنهن جواز جي مٿن حملو ڪيو ويو، جنهن سبب يونيورسٽي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.

واقعي کان پوءِ سنڌي شاگردن، استادن ۽ مختلف شاگرد تنظيمن پاران ڪراچي يونيورسٽي واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين مطالبو ڪيو ته حملي ۾ ملوث ماڻهن کي فوري گرفتار ڪري يونيورسٽي کي هر قسم جي تشدد، هٿيارن ۽ دهشت کان پاڪ بڻايو وڃي، جيئن شاگرد پرامن ماحول ۾ تعليم جاري رکي سگهن.

ڄاڻايل واقعي جي مبينا ٽائون ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر پڻ داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ حملي ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي جي درخواست ڪئي وئي آهي. هوڏانهن يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي صوبائي وزير اسماعيل راهو ڄاڻايل واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن سان پيش آيل واقعي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي

ياد رهي ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ ماضي ۾ به مختلف شاگرد تنظيمن وچ ۾ تڪرارن جا واقعا پيش ايندا رهيا آهن، جڏهن ته تعليمي حلقن مطالبو ڪيو آهي ته يونيورسٽي انتظاميا ڪيمپس ۾ امن امان برقرار رکڻ ۽ شاگردن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں