ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بهتري لاءِ وڌيڪ نيون بسون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آھي
سينيئر صوبائي وزير شرجیل میمڻ جي صدارت ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جو هڪ اعليٰ سطح اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي سميت جاري منصوبن، عوامي سهولتن ۽ ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بهتري سان لاڳاپيل اهم فيصلا ڪيا ويا.
سي اي او ٽرانس ڪراچي اجلاس کي جاري ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي تي ترقياتي ڪم بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي اڳڀرائي، مسئلن ۽ مستقبل جي هدفن بابت آگاه ڪيو.
ان موقعي تي شرجیل میمڻ چيو تہ ريڊ لائن بي آر ٽي تي ڪم جي رفتار مجموعي طور تي تسلي بخش آهي، پر ان کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا روزانو بنياد تي اڳڀرائي کي يقيني بڻائين.
هن چيو تہ ڪوريڊور جي بروقت مڪمل ٿيڻ سنڌحڪومت جي پهرين ترجيح آهي، جيئن عوام کي سفري ڏکيائين، ٽرئفڪ جام ۽ روزمره جون پريشانيون ختم ڪيون وڃن.
سينيئر وزير هدايت ڪئي تہ اڏاوتي ڪم دوران متبادل ٽرئفڪ پلان تي سختي سان عمل ڪرائجي ۽ ترقياتي منصوبن بابت اثرائتي آگاهي مهم کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي، جيئن شهرين کي بروقت معلومات مهيا ٿي سگهن ۽ انهن کي گهٽ ۾ گهٽ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پوي.
هن نيون بسون شروع ڪرڻ جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ اهڙن روٽن جي چونڊ جي هدايت پڻ ڪئي جتي عوام کي سڀ کان وڌيڪ سفري ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، هن چيو تہ بس سروس ۾ واڌ سان شهرين کي محفوظ، سستي ۽ باوقار سفري سهولت مهيا ٿيندي.
شرجیل انعام میمڻ سينيٽر تاج حيدر پل جي ٻئي حصي تي اڏاوت جلد شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ لاڳاپيل ادارن کي فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.
هن چيو تہ سنڌ حڪومت ڪراچي جي عوام کي جديد ۽ اثرائتو عوامي ٽرانسپورٽ سسٽم مهيا ڪرڻ لاءِ سنجيدہ ۽ عملي قدم کڻي رھي آهي، بي آر ٽي منصوبن سان گڏ نيون بسون شهرين جي زندگي ۾ ھاڪاري تبديلي آڻينديون.…