ڪراچي ۾ بہ نئين سال جي شروعات تي ھوائي فائرنگ جي روڪٿام لاءِ سخت انتظام ڪيا ويا آھن.
خانگي ٽي وي سان ڳالھائيندي ڪراچي پوليس چيف ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو جو چوڻ ھو تہ نئين سال جي موقعي تي 6 ھزار پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويا آھن ۽ شھر جو ڪو بہ رستو بند نہ ھوندو، ٽريفڪ جو انتظام ڪيو ويندو.
جاويد عالم اوڍو چيو تہ ماضي ۾ ڪراچي ۾ رستا بند ڪيا ويندا هئا، پر هاڻي سنڌ حڪومت جي پاليسي تحت ٽريفڪ جي روانگي برقرار رھندي ۽ گهڻن هنڌن تي ٽريفڪ جو انتظام ڪيو ويندو۔
هن ٻڌايو تہ ماضي ۾ فائرنگ سبب زخمين ۽ فوتين جو نقصان ٿيندو هو، پر هن ڀيري سڀ وسيلا استعمال آندا پيا وڃن، شهرين کي چيو ويو آهي تہ هوائي فائرنگ کان پاسو ڪن ۽ جيڪي به ان ۾ ملوث هوندا، سي سي ٽي وي ڪيمرن ذريعي گرفتار ڪيا ويندا ۔
ڪراچي پوليس چيف شهرين کي خبردار ڪيو تہ جيڪڏھن ڪنهن فائرنگ ڪئي ۽ جاني نقصان ٿيو ته ان جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، اي ايف آءِ آر ٿيڻ جي صورت ۾ نوجوانن جو مستقبل متاثر ٿئي ٿو
ٻئي پاسي، حيدرآباد ڊويزن جي سڀني ضلعن ۾ پڻ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آھي ۔
ڊويزنل ڪميشنر جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نئين سال جي رات هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي تي پابندي لڳائي وئي آهي، شهرين کي امن قائم رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي۔….