ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي ۾ عورتن خلاف تشدد جو هڪ ٻيو افسوسناڪ واقعو سامهون آيو آهي، جتي مڙس سان گڏ آفيس ويندڙ عورت تي مبينا طور موٽرسائيڪل سوار تيزاب اڇلائي فرار ٿي ويو. پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري سي سي ٽي وي فوٽيجز ذريعي جوابدار جي سڃاڻپ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي آهي.
پوليس موجب عورت پنهنجي مڙس سان گڏ صبح جو آفيس وڃي رهي هئي ته رستي ۾ موٽرسائيڪل سوار مٿس تيزاب اڇلائي فرار ٿي ويو.
پوليس ٻڌايو ته متاثر عورت شاهراهه فيصل تي قائم هڪ آفيس ۾ ملازمت ڪري ٿي ۽ سندس مڙس کيس آفيس ڇڏڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ واقعو پيش آيو.
پوليس موجب واقعي جو ڪيس متاثر عورت جي فرياد تي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار خلاف داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي سڃاڻپ لاءِ علائقي ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جون فوٽيجز حاصل ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.