ڪراچي مان مبينا طور گم ٿيل شاگرد غني چانڊيو جي بازيابي لاءِ مختلف شھرن ۾ مظاھرا

فہرستِ مضامین

ڪراچي مان مبينا طور گم ٿيل سوشل ورڪر غني امان چانڊيو جي بازيابي لاءِ مختلف شھرن ۾ سياسي سماجي ۽ قومپرست ڌرين پاران احتجاج مظاھرا ڪيا ويا.

ڪي اين شاھ ۾ جسقم ۽ نيشنل سنڌ ڪانگريس پاران پريس ڪلب آڏو غني امان چانڊيو جي گمشدگي خلاف پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪيو ويو.

ميرپورماٿيلو ۾ بہ غني امان چانڊيو ۽ ٻين قومي ڪارڪن جي گمشدگي خلاف ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب کان ڀٽائي چوڪ تائين فقير رمضان ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.

قمبر ۾ غني امان چانڊيو جي بازيابي لاءِ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ برادري جي ماڻهن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪنڌڪوٽ ۾ غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي آزادي لاءِ جسقم پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

بڪيراشريف ۾ شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو جي بازيابي لاءِ سياسي سماجي اڳواڻن سميت شهرين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو..

اڳواڻن مطالبو ڪيو تہ شاگرد ۽ سوشل ورڪر غني امان چانڊيو کي فوري طور ظاھر ڪيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں