ڪراچي : ماءُ، ڌيءُ ۽ ننھن جي قتل ۾ اڳڀرائي، گھر سربراھ ۽ پٽ گرفتار

فہرستِ مضامین

ڪراچي : فليٽ مان عورتن جا لاش ملڻ واري واقعي ۾ اڳڀرائي آھي پيءُ پٽ عورتن جا قاتل نڪتا آھن جن ڏوھ جو اعتراف ڪيو آھي.

ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ فليٽ مان ٽن عورتن جا لاش ملڻ واري واقعي ۾ اھم اڳڀرائي سامھون آئي آھي.

جاچ عملدارن موجب گھر جو سربراھ ۽ ان جو پٽ ياسين واردات جا مک ڪردار آھن، جوابدارن قرض کان بچائڻ لاءِ عورتن کي قتل ڪيو.

جاچ عملدارن موجب جوابدارن مبينا طور تي زھريلو جوس عورتن کي پياريو، عورتن کي زھر ڏيڻ بعد پٽ بہ زھريلو جوس پيتو، پٽ جي حالت ڏسي پيءُ کي زھر پيئڻ جي ھمت نہ ٿي، والد وٽان خط بہ مليو آھي جنھن جي جاچ پڙتال جاري آھي.

پوليس موجب 75 لک رپين تي ھڪ شڪايت بہ ملي ھئي، جوابدارن جي استعمال ھيٺ گھر ۽ ھڪ گاڏي ڀاڙي جي آھي، گھر ۾ موجود ٻي گاڏي بينڪ ليز تي آھي.

جاچ موجب ياسين پراپرٽي ايجنٽ جي طور ڪم ڪندو ھو، جوابدار ياسين جي گھرواري مقتولا ماھا کي سڀ کان پھريان زھر ڏئي ماريو ويو، جوابدارن ھي سنگين قدم قرض کان بچڻ لاءِ کنيو.

پوليس موجب پيءُ پٽ ٽنھي عورتن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آھي ۽ قتل جا ڪارڻ معاشي تنگي ٻڌايا آھن….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں