ڪراچي: نيو ڪراچي ۾ چانهہ جي هوٽل تي اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب زخمي ٿيل شخص علاج دوران اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.
پوليس موجب مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ 40 ورهين جي حاجي شهزاد جي نالي سان ٿي آهي جيڪو هڪ سياسي پارٽي جو ڪارڪن هو، شروعاتي جاچ ۾ فائرنگ جو واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ لڳي رهيو آهي.
واقعي کان پوءِ پوليس ۽ ڪرائم سين يونٽ واقعي واري هنڌ پهچي ويون، واقعي واري هنڌان نائن ايم ايم پستول جي گولين جا 4 خول به هٿ ڪيا ويا آهن.
ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي ترجمان چيو آهي ته مارجي ويل شهزاد نيو ڪراچي يوسي 5 جو جوائنٽ انچارج هو، وڏي وزير، گھرو وزير، ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
مقتول جي دوست ٻڌايو تہ 3 موٽر سائيڪل تي نقاب پهريل ماڻھن اچي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، شهزاد 4 ٻارن جو پيءُ هو، ان جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي. ٻئي طرف اتحاد ٽائون ۾ به ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ سبب نوجوان مارجي ويو……