ڪراچي جـِي دھشتگردي ٽوڙ عدالت قومپرست ڪارڪن غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.
سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي آزادي وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ بعد سي ٽي ڊي ٻنھي کي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو.
عدالت غني امان کان سوال ڪيو تہ اوھان ڇا ڪندا آھيو؟ جنھن تي غني امان جواب ڏنو تہ ھو لطيف جو پارکو آھي.
عدالت ٻنھي قومپرست ڪارڪنن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، ٻنھي قومپرست ڪارڪنن جي عدالت ۾ وارثن سان ملاقات بہ ڪرائي وئي.
ان کان اڳ سنڌ ھاءِ ڪورٽ، غني امان ۽ سرمد چانڊيو کي آزاد ڪرڻ بابت جڊيشل مئجسٽريٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ھو.