ڪراچي : سٽي ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ آيل يوٽيوبر رجب بٽ کي وڪيلن تشدد جو نشانو بڻايو ويو۔
رجب بٽ خلاف توھين مذھب جي ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، رجب بٽ پنھنجي وڪيل سان گڏ سٽي ڪورٽ پھتو.
رجب بٽ عدالت پھتو تہ اتي موجود وڪيلن ۽ وڪلين جي لباس ۾ موجود ٻين ماڻھن کيس تشدد جو نشانو بڻايو.
رجب بٽ جا وڪيل کيس بچائيندا رھيا پر تنھن ھوندي بہ وڪيل نہ رڳو ھن تي تشدد ڪيو پر کيس عدالتي ڪمري مان بہ ٻاھر ڪڍي ڇڏيو.
هن حوالي سان وڪيل اڳواڻن جو چوڻ آهي تہ عبوري ضمانت حاصل ڪرڻ کانپوءِ رجب بٽ هڪ وِلاگ ٺاهيو هو، جنهن ۾ هن فريادي بابت ڪجهہ نامناسب لفظ استعمال ڪيا هئا۔
وڪيلن جي هڙتال سبب رجب بٽ جي درخواست ضمانت تي ٻڌڻي بغير ڪارروائي جي 13 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي ۽ رجب بٽ جي عبوري ضمانت ۾ بہ 13 جنوري تائين واڌ ڪئي وئي.
ياد رھي تہ رجب بٽ خلاف حيدري ٿاڻي ۾ توھين مذھب جو ڪيس داخل آھي جڏھن تہ ڪيس ۾ ھو عبوري ضمانت تي آھي….