ڪراچي: سھراب ڳوٺ ۾ گھر مان افغان عورت ۽ ٽن ٻارن جا ڦاھو کاڌل لاش ھٿ

فہرستِ مضامین

ڪراچي : سھراب ڳوٺ گنا منڊي ۾ گھر مان عورتن ۽ ٽن بارن جا لاش مليا آھن.

ريسڪيو ذريعن موجب گھر مان چئن ڄڻن جا ڦاھو ڏنل لاش مليا آھن، جن ۾ ھڪ عورت ۽ 3 ٻار شامل آھن.

پوليس ٻڌايو تہ ٻارن جي عمر 2، 4 ۽ 8 سال جي وچ ۾ آھي، واقعو ظاھري طور آپگھات جو لڳي رھيو آھي، فوتين ۾ 30 ورھين جي فاطمہ، 10 ورھين جي سونم، 3 ورھين جي آرزو ۽ 2 سالن جو ارمان شامل آھي.

پوليس عملدارن جو چوڻ آھي تہ عورت جي مڙس کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آھي، عورت جي مڙس موجب واقعو گھرو جھيڙي سبب پيش آيو آھي.

پوليس موجب فوتين جو تعلق افغانستان سان آھي، جڏھن تہ مڙس نجيب اللھ جو تعلق ليئہ سان آھي، نجيب اللھ سبزي منڊي ۾ ڪم ڪندو ھو ۽ ان افغان عورت سان ٻئي شادي ڪئي ھئي.

سنڌ جي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سھراب ڳوٺ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي اوڀر سان رابطو ڪيو، گھرو وزير کي ٻڌايو ويو تہ واقعو شروعاتي طور تي آپگھات جو لڳي رھيو آھي، پر حتمي نتيجو رڳو جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي سامهون ايندو.

گھرو وزير پوليس کي ھدايت ڏني تہ جاچ جي عمل کي انتھائي اڻڌريو ۽ شفاف ٻڌايو وڃي، جلد ئي جوابدارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں