ڪراچي : سولجر بازار ۾ گئس ليڪج ڌماڪي سبب عمارت ڪرڻ جو ڪيس داخل، مالڪ گرفتار

فہرستِ مضامین

ڪراچي جي سولجر بازار ۾ گيس ليڪيج ڌماڪي سبب عمارت ڪِرڻ واري معاملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

ڪيس ۾ قتل، غفلت، ملڪيتن کي نقصان پھچائڻ ۽ ٻيا قلم شامل ڪيا ويا، جنھن بعد پوليس عمارت مالڪ کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو تہ غيرقانوني طور تي 40 گز جي پلاٽ تي گرائونڊ پلس ٿري عمارت ٺاھي وئي، سڄي عمارت ۾ ٽي آر گارڊر ۽ ٽائلن جو استعمال ڪيو ويو.

ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو تہ پھرين منزل ۾ رھندڙ زيب النساءَ سحري وقت چلھو ٻاريو تہ باھ لڳي وئي، ڇو تہ ليڪيج سبب گيس سڄي ڪمري ۾ پکڙجي وئي ھئي.

ڪيس ۾ چيو ويو تہ ڌماڪي سبب عمارت ڪِري پئي، جنھن سبب 16 ڄڻا فوت ۽ 14 زخمي ٿيا.

ايف آءِ آر ۾ ٻڌايو ويو تہ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي رپورٽ موجب  عمارت ۾ ناقص گيس پائيپ لائن ليڪيج ٿي ۽ ڪمري ۾ پکڙجي وئي.

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو تہ پلاٽ تي محمد ارشاد 2007 ۽ 2008  ۾ عمارت ٺاھي ھئي…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں