ڪراچي : سال 2025 ۾ روڊ حادثن جي شرح سڀ کان وڌيڪ رھي، انگ اکر جاري

فہرستِ مضامین

ڪراچي: فلاحي اداري ڇيپا فائونڊيشن سال 2025 ۾ ڪراچي شھر ۾ پيش آيل مختلف حادثن، واقعن ۽ ٻين  سانحن ۾ حياتي وڃائيندڙن ۽ زخمي ٿيندڙن ماڻھن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آھن.

ڇيپا فائونڊشن 2025 ۾ ڪراچي ۾ پيش آيل مختلف حادثن، واقعن ۽ ٻين سانحن ۾ ٿيل فوتگين ۽ زخمين جا انگ اکر جاري ڪندي چيو آھي تہ ڪراچي ۾ ھلندڙ سال ٽريفڪ حادثن جي شرح وڌيڪ رھي، 857 ڄڻا روڊ حادثن ۾ اجل جو شڪار ٿيا، جن ۾ 670 مرد، 89 عورتون، 74 ٻار ۽ 24 ٻارڙيون شامل آھن.

روڊ حادثن ۾ زخمين جو انگ 12 هزار 188 رھيو، جن ۾ 9550 مرد، 1904 عورتون، 563 ٻارڙا ۽ 171 ٻارڙيون شامل آهن، ڇيپا پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڦر مزاحمت تي 91 شهري قتل ٿيا، جڏھن تہ 15 ڦورو شهرين جي تشدد سبب مارجي ويا ۽ 35 زخمي ٿيا۔

ترجمان موجب هلندڙ سال فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 419 ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ 362 مرد، 34 عورتون، 15 ٻارڙا ۽ 8 ٻارڙيون شامل آهن، فائرنگ ۾ زخمين جو مجموعي انگ 1659 رھيو، جن ۾ 1383 مرد، 160 عورتون، 83 ٻارڙا ۽ 33 ٻارڙيون شامل آهن۔

ترجمان موجب مختلف واقعن ۾ 23 تشدد ٿيل لاش مليا، جن ۾ 13 مرد، 7 عورتون، 2 ٻارڙا ۽ 1 ٻارڙي شامل آهي، گڏيل طور 5 ٻوري بند لاش بہ مليا، جن ۾ 3 مرد، 1 عورت ۽ 1 ٻارڙي شامل آهي، جڏھن تہ ڇرين جا وار ڪري 46 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، جن ۾ 36 مرد ۽ 10 عورتون شامل آهن۔

ترجمان موجب ھلندڙ سال ڪراچي ۾ ڦٽاڪن جي فيڪٽرين ۾ ڌماڪن سبب ملبي ھيٺا ۽ سڙي 5 ڄڻا فوت ٿيا، جڏھن تہ 31 ڄڻا زخمي بہ ٿيا ۔

ڇيپا فائونڊيشن پاران جاري انگن اکرن موجب گئس سلينڊر ڦاٽڻ جي واقعن ۾ 11 ڄڻا فوت ٿيا ، جن ۾ 7 مرد، 3 عورتون ۽ ھڪ ٻارڙي شامل آھي، جڏھن تہ 40 شھري زخمي ٿيا.

اھڙي طرح 76ڄڻا ڇتن تان ڪري فوت ٿيا، 19 ڄڻا ڇتون ڪرڻ سبب فوت، ٿيا، ٽرين جي ٽڪر ۾ 51 ڄڻا فوت ٿيا، 85 ڄڻا ٻڏي فوت ٿيا، 21 ڄڻا سڙي فوت ٿيا ۽ 133 شھري زخمي ٿيا، ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 133 ڄڻا فوت ٿيا، گٽر ۾ ڪري 15 ڄڻن جو موت ٿيو، جن ۾ 9 مرد 7 6 ٻار بہ شامل آھن.

ڇيپا موجب سال 2025 ۾ 13 ماڻھو کليل نالن ۾ ٻڏي فوت ٿيا، ھلندڙ سال آپگھات جي واقعن ۾ 123 ڄڻا حياتين کان محروم ٿيا، جن ۾ 107 مرد ۽ 16 عورتون شامل آھن.

ڇیپا فائونڊيشن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سال 2025 طبعي موت سبب فوت ٿيندڙ 263 ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، ، جڏھن تہ مختلف هنڌن تان 35 ڄاول ٻارن جا لاش پڻ مليا.

منشيات جي وڌيڪ استعمال سبب 395 مرد ۽ 5 عورتون فوت ٿي ويون، جن مان گهڻا لاوارث هئا۔ لاوارث لاشن کي ڇيپا سردخاني ۾ منتقل ڪري غسل ۽ ڪفن بعد دفن ڪيو ويو۔…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں