ڪراچي: رينجرز جي ڪارروائي، ڀتاخوري ۾ ملوث 2 جوابدار مارجي ويا

فہرستِ مضامین

ڪراچي : گارڊن ۾ ايس آءِ يو پوليس ۽ رينجرز جي ڪارروائي ۾ ڀتا خوري ۾ ملوث ٻن جوابدار مارجي ويا آھن.

رينجرز ترجمان موجب مارجي ويل جوابدار جميل ڇانگا ۽ زاهد لاڊلہ گروپ سان لاڳاپيل هئا، جيڪي سولجر بازار ۽ جمشيد ٽائون وارن علائقن ۾ ڀتا خوري جون ڪارروايون ڪندا هئا.

ترجمان جو چوڻ آهي تہ جوابدار اسٽريٽ ڪرائيم جي 300 کان وڌيڪ وارداتن ۾ بہ ملوث ھئا

قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ اهڙيون ڪارروايون جاري رھنديون ۽ ڏوھارين خلاف بنا ڪنهن رعايت جي قدم کنيا ويندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں