ڪراچي جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت قومپرست اڳواڻ غني امان ۽ سرمد ميراڻي جي ضمانت منظور ڪري ورتي آھي.
دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي خلاف داخل ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، عدالت طرفان غني امان ۽ سرمد ميراڻي جي ضمانت منظور ڪندي ٻنھي کي 50-50 ھزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو.
عدالت ۾ پيشي بعد ڊبليو ٽي اين سان ڳالھائيندي غني امان ۽ سرمد ميراڻي جي وڪيلن چيو تہ عدالت ٻنھي نوجوانن جي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي آھي.
ھنن چيو تہ عدالت طرفان ٻنھي ڄڻن کي 50-50 ھزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.
غني امان ۽ سرمد خلاف ڪھڙا ڪيس داخل آھن؟
پھرين نومبر تي سي ٽي ڊي پاران نوجوان غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي گرفتاري ظاھر ڪئي وئي.
سي ٽي ڊي دعويٰ ڪئي تہ مڇر ڪالوني ۾ ڪارروائي دوران غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي گرفتار ڪيو ويو.
سي ٽي ڊي دعويٰ ڪئي تہ ٻنھي ڄڻن وٽان 2 دستي بم ۽ بارودي مواد ھٿ ڪيو ويو آھي.
سي ٽي ڊي ٻنھي ڄڻن تي پنج ڪيس داخل ھئڻ جي دعويٰ ڪندي چيو ھو تہ ٻنھي ڄڻن پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بڻائڻ جي رٿابندي ڪئي ھئي، جنھن لاءِ ھٿيار پڻ خريد ڪيا ويا ھئا.
ياد رھي تہ ان کان اڳ غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي گمشدگي خلاف سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا ھئا.
سنڌ جي مختلف شھرن ۾ مظاھرا

30 آڪٽوبر تي شاگرد اڳواڻ غني امان ۽ سرمد ميراڻي جي بازيابي لاءِ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا، ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج دوران سياسي سماجي اڳواڻن ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي، ٽنڊي ڄام ۾ بہ شاگردن پاران غني امان چانڊيو جي بازيابي لاءِ ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، ٽنڊو محمد خان، مورو، ڪوٽ غلام محمد، سيتا روڊ، وارث ڏنو ماڇي، ميرو خان ۽ ٻين شھرن ۾ بہ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا.
احتجاجن ۾ شريڪ اڳواڻن پاران غني امان ۽ سرمد ميراڻي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو، جنھن بعد پھرين نومبر تي سي ٽي ڊي غني امان جي گرفتاري ظاھر ڪئي.