ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ فائرنگ، عورت مارجي وئي، ھڪ ڄڻو زخمي

فہرستِ مضامین

ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ ڌيءُ جي علاج لاءِ آيل عورت گولي لڳڻ سبب قتل ٿي وئي.

پوليس موجب جناح اسپتال جي گائني وارڊ وٽ فھميدھ نالي عورت سيني ۾ گولي لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي وئي.

پوليس موجب فوت ٿيل عورت ملير جي رھواسڻ آھي، ڌي جي علاج لاءِ جناح اسپتال آئي ھئي.

پوليس موجب اسپتال ٻاھران 2 جوابدار ھڪٻئي تي انڌاڌند فائرنگ ڪندا فرار ٿي رھيا ھئا تہ ھڪ گولي گائني وارڊ وٽ بيٺل عورت کي لڳي.

فائرنگ سبب عورت ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جيڪا ملير کان ڌيءُ جي علاج لاءِ اسپتال آيل ھئي.

فائرنگ دروان ھوٽل تي چانھ پيئڻ لاءِ ويندڙ شھري پڻ زخمي ٿي پيو، جنھن جي سڃاڻپ رزاق جي نالي سان ڪئي وئي آھي، کيس طبي امداد لاءِ جناح اسپتال ۾ نيو ويو ..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں