ڪراچي ۾ جماعت اسلامي پاران سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاج، ھنگامي ۽ پوليس تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.
سرڪار جي فرياد تي آرام باغ ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس 30 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آھي، ڪيس ۾ دھشتگردي، قلم 144 جي ڀڃڪڙي، ھنگامو ڪرڻ، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت، تشدد ۽ ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آھن
گذريل ڏينھن سنڌ اسيمبلي ٻاھران جماعت اسلام جا ڪارڪنن ۽ پوليس آمھون سامھون ھئي، جماعت اسلامي جي ڪارڪنن اسيمبلي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تي چڪريون ٿيون ۽ رينجرز اھلڪارن کي طلب ڪيو ويو ھو.
پوليس ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙھا آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو، جڏھن تہ چڪرين دوران ڪجھ اھلڪار ۽ ڪارڪنن زخمي ٿيا ھئا ……….