ڪراچي جي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ 3 کان 8 سالن جي ڄمار جو ھر چوٿون ٻار واڌ ويجهه ۾ دير واري خطري جو شڪار آھي، اھڙي ڇرڪائيندڙ دعويٰ آغا خان يونيورسٽي ڪراچي پاران ھڪ نئين تحقيق ۾ ڪئي وئي آھي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آھي ته گھٽ آمدني وارن خاندانن ۽ نسلي اقليتي پسمنظر رکندڙ ٻار واڌ ويجھھ جي معاملي ۾ خصوصي طور متاثر ٿي رھيا آھن.
رپورٽ نرسري، پھرين ۽ ٻي جماعت جي ٻارن تي ڪيل تحقيق جي بنياد تي تيار ڪئي وئي آھي، تحقيق دوران واڌ ويجھه جي پنج شعبن سماجي ۽ جذباتي، جسماني، لساني، فھمي ۽ مواصلاتي صلاحيتن ۾ ٻارن جي پيمائش ڪئي وئي.
يونيورسٽي جي تحقيق موجب ثابت ٿيو تھ 28 سيڪڙو ٻار گھٽ ۾ گھٽ ھڪ شعبي ۾ ڪمزور ھئا، جڏھن ته 10 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ٻار سمورن پنجن شعبن ۾ ڏکيائين جي ور چڙھيل ھئا.
“ڇوڪرا ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪمزور آھن”
تحقيق موجب پشتون ٻارن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمزوري جي شرح سامھون آئي، جنھن جي شروعاتي واڌ ويجھھ واري فھرست Early Development Index (اي ڊي آءِ EDI) ذريعي اردو، سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھائيندڙ ٻارن سان ڀيٽ ڪئي وئي. اھو بھ نظر آيو تھ ڇوڪرا ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪمزور آھن.
تحقيق مان اھو بھ ظاھر ٿيو تھ مجموعي طور ٻارن جي واڌ ويجھھ ۾ ڪمزوري جنس، خانداني آمدني ۽ نسلي پسمنظر جي ميلاپ سان وجود ۾ اچي ٿي.
رپورٽ موجب ان خلا کي جلد ڀرڻ اھم آھي، ڇاڪاڻ تھ ان سان اھڙين حڪمت عملين جي رھنمائي ٿي سگھي ٿي، جن سان سمورن ٻارن جي صحتمند واڌ ويجھھ جي منظم تحفظ ۽ معاونت کي يقيني بڻائي سگھجي ٿو.
تحقيقي رپورٽ ۾ ھدفي پروگرام شروع ڪرڻ ۽ ڪمزور ٻارن جي مدد ڪرڻ جھڙا فوري قدم کڻڻ جي سفارش بھ ڪئي وئي آھي تھ جيئن ھڪ صحتمند نئين نسل جو بنياد رکي سگھجي.
تحقيقي اڀياس ۾ حصو وٺندڙ لکاري ۽ آغا خان يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر سيما لاسي چوي ٿي تھ ڪنھن فرد جا شروعاتي سال، سندس زندگيءَ جو حساس مدو ھوندا آھن، جنھن ۾ سڀ کان وڌيڪ تيز واڌ ويجھھ ۽ ترقي ٿئي ٿي.

ڊاڪٽر سيما لاسي موجب ھڪ ٻار جي صحت جي واڌ ويجھھ سندس والدين، استادن ۽ انھن سماجي ۽ ماحولياتي عنصرن مان وڏي گھرائي سان متاثر ٿئي ٿي، جن ۾ ھو پلجي وڏا ٿين ٿا.
“محفوظ پالنا وارو ماحول مضبوط نسلن جو بنياد آھي”
ڊاڪٽر سيما جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ جڏھن اسان شروعاتي تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪيون ٿا ۽ محفوظ، پالنا ڪندڙ ماحول تخليق ڪيون ٿا تھ اسان صحتمند ۽ وڌيڪ مضبوط نسلن جو بنياد رکون ٿا.
سينٽر آف ايڪسيلنس وومن اينڊ چائيلڊ ھيلٿ جو ڊائريڪٽر ۽ ھيومن ڊولپمينٽ پروگرام آغا خان يونيورسٽي جو وقتي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سلمان ڪرماڻي چوي ٿو تھ ٻار ان وقت واڌ ويجھھ ڪن ٿا، جڏھن کين معياري تعليم ۽ ھڪ مستحڪم پالنا ڪندڙ گھراڻو ٻئي مھيسر ھجن.
ڊاڪٽر سلمان ڪرماڻي جو چوڻ آھي تھ واڌ ويجھھ جي صحت رڳو طبي مسئلو نھ آھي پر اھا ھڪ سماجي ذميواري آھي، جيڪا گھر کان شروع ٿئي ٿي ۽ ھر ڪلاس روم تائين پکڙجي وڃي ٿي.