ڪراچي ۾ باھ جو شڪار ٿيل گل پلازہ لڳ قائم عمارت جا بنياد متاثر ٿيا آھن، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي گل پلازہ لڳ قائم رمپا پلازہ کي غيرمحفوظ قرار ڏيندي انتظامہ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آھي.
سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو چوڻ آھي تہ گل پلازہ ۾ ٽئين درجي جي باھ سبب رمپا پلازہ جا بنياد سخت متاثر ٿيا آھن.
رمپا پلازہ انتظامہ ۽ دڪان مالڪن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن، ان کانسواءِ رمپا پلازہ جي خطرناڪ حصي جي استعمال تي بہ پابندي لاڳو ڪئي وئي آھي .
سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو چوڻ آھي تہ رمپا پلازہ ۾ بغير اجازت جي ڪنھن بہ سرگرمي تي سخت ايڪشن ورتو ويندو.
ياد رھي تہ گذريل ھفتي گل پلازہ ۾ لڳل باھ جي نتيجي ۾ 81 ڄڻا گم آھن ۽ جڏھن تہ 28 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آھي………