ڪراچي ۾ ايسٽ انويسٽيگيشن ون ھلندڙ سال جي وڏي ڪارروائي ڪندي ٻارن سان مبينا بدفعلي ۾ ملوث جوابدار کي ساٿي سميت گرفتار ڪري ورتو آھي.
ايس پي انويسٽيگيشن عثمان سدوزئي دعويٰ ڪئي آھي تہ جوابدار 100 کان وڌيڪ ٻارن سان زيادتي ڪئي، گرفتار جوابدارن ۾ مک جوابدار عمران ۽ وقاص خان شامل آھن.
پوليس موجب متاثر نينگر جي نشاندھي تي ٽيپو سلطان جي علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، پوليس کي 2020 کان 2025 تائين 7 شڪايتون مليون.
عثمان سدوزئي ٻڌايو تہ مختلف ضلعن جي ڪيسن ۾ ڊي اين اي ھڪ ئي شخص جو مليو ھو ۽ 6 سالن کان الڳ ڪيس ۾ ھڪ ئي ڊي اين اي ملڻ تي جاچ ڪئي، سمورن ڪيسن ۾ 12 کان 13 سالن جي نينگرن کي بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو.
پوليس موجب ھڪ ڪيس ۾ نينگر سان ٻن کان وڌيڪ ماڻھن زيادتي ڪئي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان 6 جنوري تي ڊي آءِ جي، سي آءِ اي مقدس حيدر جي سربراھي ۾ ٽيم جوڙي وئي.
پوليس موجب ٽيم 11 ڏينھن ۾ گھربل جوابدارن کي گرفتار ڪيو، جوابدار عمران منظور ڪالوني جو رھائشي آھي، گرفتار مک جوابدار عمران خان 6 سالن ۾ ڪيترن ئي نينگرن سان بدفعلي جو اعتراف ڪيو.
عثمان سدوزئي موجب، گرفتار جوابدار عمران ٻارن کي ملير ندي جي ويجهو وٺي وڃي بدفعلي جو نشانو بڻائيندو هو، داخل 7 ڪيسن ۾ جوابدار جو ڊي اين اي ميچ ٿيو، جڏھن تہ 3 ڪيسن ۾ ٻارن جوابدار عمران کي سڃاڻي ورتو آهي.
ايس پي انويسٽيگيشن عثمان سدوزئي موجب، هڪ ڪيس ۾ ٻار جوابدار عمران ۽ سندس ساٿي وقاص خان کي سڃاتو آھي
محمود آباد پوليس پاران گرفتار ٻنھي جوابدارن کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪري 14 ڏينھن جي رمانڊ جي استدعا ڪندي چيو تہ شڪ آھي تہ جوابدارن بدفعلي بعد ڪيترن ئي ٻارن کي قتل ڪيو آھي، عدالت پوليس جي استدعا رد ڪندي جوابدارن کي ٽن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو….