سڪيورٽي ادارن ڪراچي کي وڏي تباهي کان بچائيندي دهشتگردن پاران آپگھاتي حملي لاءِ تيار ڪيل ننڍي عمر جي شاگردياڻي کي ريسڪيو ڪري ورتو.
ڪراچي ۾ ايڊشنل آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان ۽ ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو تہ سوشل ميڊيا ذريعي هڪ ڇوڪري ڪري دهشتگردن پاران کيس ڪهاڻيون ٻڌايون ويون ۽ هن جي ذهن سازي ڪئي وئي۔
هن چيو تہ ڪوشش آھي تہ ڇوڪري جي گھرڀاتين ۽ ايڊريس کي سامھون نہ آڻيون، حڪومت انھن جي بھتري لاءِ انتظام ۽ مدد ڪندي، چاھيون ٿا تہ پھريان ناري ڇوڪري ۽ ان جي گھروارن جي جان جي حفاظت ھجي.
گھرو وزير چيو تہ دهشتگردن جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي، اهي ماڻهو سوشل ميڊيا جي ذريعي رياست جي خلاف ڪوڙو بيانيو ٺاھي رھيا آھن، والدين پنهنجي ٻارن جي سوشل ميڊيا جي استعمال تي نظر رکن، بلوچ عوام اهڙين دهشتگرد تنظيمن تي نظر رکن۔
ضياءُ لنجار چيو تہ بروقت ڪارروائي ڪري ڇوڪري بچائي ورتو، پوري ڪوشش آهي تہ ڇوڪري ٻيهر پنهنجي تعليم جو سلسلو شروع ڪري ۽ ملڪ جو روشن مستقبل بڻجي، چاهيون ٿا تہ هي ناري پنهنجي خواهش مطابق ٽيچر ٿئي ۽ ٻارن کي پڙھائي۔
بي ايل اي اھلڪار انسٽاگرام تي شاگردياڻي سان رابطو ڪيو ۽ واٽس ايپ گروپ ۾ ايڊ ڪري ذھن سازي: اي آءِ جي سي ٽي ڊي
ايڊشنل آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان ٻڌايو تہ پابندي مڙھيل تنظيم بي ايل اي اهلڪار انسٽاگرام ذريعي ناري سان رابطو ڪيو ۽ کيس واٽس اپ گروپ ۾ شامل ڪيو، ڇوڪري عام ٻارن وانگر سوشل ميڊيا استعمال ڪندي هئي، شروع ۾ کيس نفرت انگيز مواد ڏنو ويو ۽ پوءِ ذهن سازي ڪري کيس رياست مخالف بڻايو ويو۔
هن چيو تہ ڇوڪري کي آپگھاتي بمبار بڻجڻ کان بچايو ويو، ڇوڪري جي مڪمل ذهن سازي ڪئي وئي ۽ چيو ويو تہ توھان کان وڏو ڪم وٺڻو آهي، ڇوڪري کي شھر کان ٻاھر نيو ويو، ننڍپڻ سبب کيس جوابدار نٿا سمجھون .
آءِ جي سي ٽي ڊي ٻڌايو تہ ڪراچي کان ٻاهر سنيب چيڪنگ دوران ڇوڪري کي گرفتار ڪيو ويو، سندس گھر ڀاتين کي سڏائي سڀ شيون ٻڌايو ويو، اسان انهن کي ڪرمنل جسٽس سسٽم ڏانهن نٿا وٺي وڃون، کين تحفظ فراهم ڪيو ويندو۔….