ڪراچي: آمريڪي قونصليٽ ٻاھران احتجاج، چڪريون، 9 ڄڻا مارجي ويا

فہرستِ مضامین

ڪراچي: گذريل ڏينهن ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن جي خلاف ڪراچي ۾ مظاهرين آمريڪي قونصل خاني ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران چڪرين 9 ماڻھو مارجي ويا آھن.

پوليس موجب مظاهرين آمريڪي قونصل خاني تي پٿراءُ ڪيو، جنهن تي پوليس ۽ رينجرز ڳوڙھا آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو ۽ مظاھرين کي ڇڙ وڇڙ ڪيو.

ريسڪيو عملدارن موجب آمريڪي قونصل خاني ويجھو چڪرين دوران 9 ماڻھو مارجي چڪا آھن .

سول اسپتال جي عملدارن موجب ٽراما سينٽر ۾ 9 لاش آندا ويا آھن، جڏھن تہ 24 زخمي ماڻهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جيڪي فائرنگ ۽ لاٺي چارج ۾ زخمي ٿيا آھن.

احتجاج سبب سلطان آباد کان مائي ڪولاچي طرف ويندڙ روڊ بند ڪيو ويو آھي، ساڳي طرح بوٽ بيسن کان ايندڙ گاڏين کي مائي ڪولاچي ڦاٽڪ تان رستو ڏنو ويو آھي، جڏھن تہ پي آءِ ڊي سي کان ايندڙ ٽريفڪ کي پارڪ ڪٽ کان واپس موڪليو پيو وڃي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں