ڪراچي، گزري واري علائقي ۾ مڙس زال ۽ ڌيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ڪراچي جي گزري واري علائقي ۾ مڙس گهريلو تڪرار تان زال ۽ ڌيءُ کي تيز ڌار اوزار سان وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب جوابدار پنهنجي زال تي الزام لڳائيندو رھندو هو جنهن تي هميشہ ٻنهي زال مڙس وچ ۾ جهيڙو ٿيندو هو، جوابدار جهيڙي جي دوران تيز ڌار اوزار سان زال تي حملو ڪيو تہ ڌيءُ ماءُ کي بچائڻ لاءِ ويجهو آئي پر انهي دوران ٻئي زخمي ٿي پيون.

پوليس موجب ٻنهي کي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو پر ماءُ ۽ ڌيءُ زخمن جي سٽ نہ سهندي فوت ٿي ويون، پوليس جو چوڻ هو تہ جوابدار حملي کان پوءِ فرار ٿيا پر ڪارروائي جي دوران جوابدار کي گزري مان گرفتار ڪيو ويو.

علائقي واسن جو چوڻ هو تہ جوابدار سميع جو ڪافي وقت کان پنهنجي زال سان مختلف وقتن تي جهيڙو ٿيندو رھندو هو جنهن دوران هو پنهنجي زال تي الزام بہ لڳائيندو هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں