اسلام آباد: ناڻي واري وفاقـِي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي تہ ڪجھ ڪمپنيون ملڪ ڇڏي وڃي رھيون آهن، اسان کي اهو تسليم ڪرڻ گهرجي تہ ٽيڪس وڌيڪ آهن يا توانائي جون قيمتون وڌيڪ آهن، اهي سڀ حقيقي مسئلا آهن.
اسلام آباد ۾ پاڪستان پاليسي ڊائلاگ کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو تہ هاڻي ٽيڪس پاليسي ناڻي واري وزارت وٽ آھي، ايف بي آر جو ڪم رڳو ٽيڪس آمدني گڏ ڪرڻ آهي، ايف بي آر جي سمورو ڌيان ٽيڪس اوڳاڙي تي آهي، ٽيڪس پاليسي کي ايف بي آر کان کڻي فنانس ڊويزن حوالي ڪيو ويو آهي.
هن چيو تہ گذريل سال 38 ارب ڊالر ناڻي جا ذخيرا مليا، جڏھن تہ هلندڙ سال 41 ارب ڊالر ناڻي جا ذخيرا ملڻ جي اميد آهي.
محمد اورنگزيب چيو تہ ٽيرِف شعبي ۾ سڌارا متعارف ڪرايا ويا آھن، اهو بہ سچ آهي تہ ڪجهہ ڪمپنيون ملڪ ڇڏي رھيون آهن، ان ڪري اسان کي تسليم ڪرڻو پوندو تہ جيڪڏھن ٽيڪس يا توانائي جون قيمتون وڌيڪ آهن تہ اهي حقيقي مسئلا آهن.
ناڻي واري وزير جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ ڊيوٽيون وڌائڻ سان ملڪ کي نقصان ٿيندو، ان لاءِ ضروري آهي تہ ڊيوٽين کي مناسب بڻايو وڃي ۽ ڪاروباري لاڳت گهٽائي وڃي.
ناڻي واري وزير جو چوڻ ھو تہ هلندڙ سال جون تائين سموريون سرڪاري ادائيگيون ڊجيٽل چينلز ذريعي ڪيون وينديون، معاشي سڌارن کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي، حڪومتي سڌارن جو مقصد قومي خزاني تي بار گهٽائڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ آهي…..