لائیو ڪجهہ ڪريو، ان کان اڳ جو ٽرمپ خطي کي باهہ جو گولو بڻائي ڇڏي:ايٽمي توانائي ايجنسي جو اڳوڻو سربراھ

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر پاران 48 ڪلاڪن جي ڊيڊ لائن تي عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي اڳوڻي سربراھ محمد البرداني جو سخت ردعمل سامھون آيو آھي، جنھن ۾ ھن عالمي برادري کان فوري ايڪشن وٺڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

صدر ٽرمپ جي بيان تي ردعمل ۾ محمدالبرادعي چيو تہ مھرباني ڪيو، نار ملڪن جون حڪومتن کان جيڪو ڪجھ ٿي سگھي اھو ڪن.

محمد البرادي گڏيل قومن، سلامتي ڪائونسل، انتونيو گوتريس، يورپي ڪائونسل، فرانس، چين ۽ روس کان بہ اپيل ڪئي آھي تہ ڪجھ ڪيو ان کان پھريان جو ٽرمپ خطي کي باھ جي گولي ۾ تبديل ڪري ڇڏي.

آءِ اي ايِ آءِ جي اڳوڻي سربراھ چيو تہ ڇا ٽرمپ ٻاراڻي روڪڻ لاءِ ڪجھ نٿو ڪري سگھجي؟

ياد رھي تہ صدر ٽرمپ ھڪ ڀيرو ڌمڪي ڏيندي چيو آھي تہ ايران وٽ 48 ڪلاڪ آھن ھو ڪو معاھدو ڪري يا آبنائي ھرمز کولي، ٻي صورت ۾ مٿس قيامت برپا ڪئي ويندي.

ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو تہ اڳ بہ ايران کي 10 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو هو تہ هو معاهدو ڪري يا آبنائي هرمز کولي…..۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں