مٺي : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي تہ ڪجهہ قوتون سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ چاهين ٿيون، هڪ سازش تحت سنڌ جي ڪردار ڪشي ڪئي ويندي آهي.
مٺي ۾ اين ايِ ڊي يونيورسٽي جي نئين ڪيمپس ٿر انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ هڪ خاص مقصد تحت تنقيد ڪئي ويندي آهي، چيو ويندو آهي تہ پ پ ڪجهہ ناهي ڪيو، اختيار اسلام آباد کي ڏنا وڃن، انهن قوتن کي بهترين جواب ٿرپارڪر جي ترقي آهي.
هن چيو تہ اسان سڄي سنڌ ۾ ڪم ڪري رھيا آهيون، پ پ جي حڪومت عوام دوست آهي، اسان ثابت ڪري ڇڏيو تہ پ پ عوام سان محبت ڪري ٿي.
سندس چوڻ هو تہ ٿرپارڪر جي ترقي سنڌ جي ترقي لاءِ ضروري آهي ۽ پ پ جي ترجيح آهي، ڪوئلو هتان جي عوام جو اثاثو آهي، ٿرپارڪر وٽ ايترو ڪوئلو آهي جيترو سعودي عرب وٽ تيل آهي پر توھان کي پنهنجا وسيلا استعمال ڪرڻ نه ڏنا ويا، محترمہ بينظير ڀٽو ڪم شروع ڪيو ته سازش تحت کيس روڪيو ويو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ پ پ حڪومت 2008 کان اڄ تائين سنڌ جي يونيورسٽين جو انگ ٻيڻو ڪيو، ڪو ٻيو صوبو سنڌ کان اهو مقابلو نٿو کٽي سگهي، ٿرپارڪر جو عوام تعليم حاصل ڪري ترقي ڪندو…..