لائیو ڪامريڊ روچي رام جو عشق، وڇوڙو ۽ شادي

فہرستِ مضامین

 شڪيل سومرو

 ڪامريڊ روچي رام جي پتني لڪشمي ٻائي جو ڪالهه ديهانت ٿي ويو آهي، جيڪو نهايت ڏکوئيندڙ  واقعو آهي۔ سندس سادگي، نڀاءُ ۽ محبت ڀريون ڳالهيون اڄ به ذهن ۾ تازي تصوير وانگر زنده آهن۔ ڪامريڊ روچي رام ۽ سوڳوار خاندان سان دلي همدردي ۽ شردھانجلي پيش ڪجي ٿي۔ ڌڻي در دعا آهي ته لڪشمي ٻائي جي آتما کي شانتي ملي ۔ مون ڪامريڊ روچي رام ۽ سندس گهرواري آنجهاني لڪشمي ٻائي جو هي انٽرويو ڏھاڪو سال اڳ ورتو هو . سندس ياد کي زنده رکڻ لاءِ هتي سندس انٽرويو پيش ڪجي ٿو، جيڪو سندس شخصيت ۽ جيون جي سچائين جو عڪس آهي.

سنڌ جي سماجي ۽ سياسي تاريخ ۾ ڪامريڊ روچي رام جهڙيون شخصيتون رڳو سياسي جدوجهد تائين محدود ناهن، پر سندن ذاتي زندگيءَ جا ورق به انساني جذبن، قربانين ۽ وقت جي بي رحم وهڪري جا عڪس پيش ڪن ٿا. عشق، وڇوڙو ۽ شادي اهي ٽيئي مرحلا سندس زندگيءَ ۾ اهڙي ته شدت سان اچي وڃن ٿا، جو هڪ مڪمل انساني ڪهاڻي جو روپ وٺي وڃن ٿا.

شاديءَ جو قصو: لڪشمي ٻائي سان اتفاقي ساٿ

ڪامريڊ روچي رام جي گهرواري لڪشمي ٻائي پنهنجي سادي ۽ بي ساختا انداز ۾ ٻڌائي ٿي ته کيس “ڪامريٽ/ڪامريڊ” لفظ جو به شاديءَ کانپوءِ ئي پتو پيو. سندس چوڻ موجب، شاديءَ کان اڳ نه رڳو هن پنهنجي ور کي ڏٺو هو، پر ان دور ۾ اهڙي ريت ڏسڻ جو رواج به ڪونه هو.

هوءَ ٻڌائي ٿي ته سندس مڱڻو اڳ ئي ڪنهن ٻي هنڌ ٿيل هو، پر جڏهن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سبب ڇوڪري وارا هندستان لڏي ويا ته هنن پيغام موڪليو ته هاڻي اوهان پنهنجي نياڻي کي ٻي هنڌ پرڻايو. اهڙي نازڪ وقت ۾ سندس چاچي اڳڀرائي ڪندي روچي رام سان سندس مڱڻو ڪرائي ڇڏيو.

هن فيصلي تي سندس والد سخت ناراض ٿيو  ۽ جيستائين حيات رهيو، هن ڳالهه جو ملال سندس دل ۾ رهيو ته کيس اعتماد ۾ ڇو نه ورتو ويو. بهرحال وقت جي وهڪري سان هي رشتو جڙندو ويو ۽ نڀندو رهيو.

لڪشمي ٻائي ٻڌائي ٿي ته روچي رام جو گهڻو ڌيان گهر کان وڌيڪ پنهنجي دوستن، ڪتابن ۽ سياسي ساٿين ڏانهن هوندو هو. جلسا، جلوس، مطالعي ۽ سفرن ۾ هو گهڻو مصروف رهندو هو. هڪ گهرواري جي حيثيت ۾ کيس ڪڏهن ڪڏهن شڪايت ضرور ٿيندي هئي، پر هن ان جو اظهار گهٽ ڪيو. سندس اندر ۾ اها سوچ غالب رهي ته “ڪامريٽ/ڪامريڊ ماڻهوءَ جا پنهنجا معيار هوندا آهن.”

هوءَ چوي ٿي ته پاڻ ڪڏهن به ڪامريٽ/ڪامريڊ نه بڻي، پر هڪ گهريلو عورت جي حيثيت ۾ پنهنجي زندگيءَ کي قبول ڪندي، هن رشتو نڀايو. بمبئي جي دوري دوران جڏهن هن کان سنڌ جي نامياري اديبہ سندري اتم چنداڻي  سوال ڪيو ته “اوهان هن سان ڪيئن نڀايو؟” ته هن وراڻيو:

“ادي، شادي ٿي آهي ته نڀائڻو ته پوندو نہ!”

هي جملو لڪشمي ٻائي جي زندگيءَ جو به ڄڻ خلاصو بڻجي ويو، هوءَ وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته شاديءَ کانپوءِ روچي رام جي همت افزائيءَ سان هن ٿورو گهڻو پڙهڻ سکيو، ڇو ته اڳئين دور ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي اهميت نه ڏني ويندي هئي. اڄ به هوءَ ڪتاب پڙهي سگهي ٿي، جيتوڻيڪ لکڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري ٿي.

زندگيءَ جي آخري دور ۾ هوءَ ٿوري شڪايت ڀري مسڪراهٽ سان چوي ٿي ته هاڻي روچي رام گهڻو ڪري گهر ۾ رهندو آهي، پر سندس ڌيان اڃا به گهڻو ڪري دوستن ۽ڪامريٽن/ ڪامريڊن ڏانهن هوندو آهي. عمر جي اثرن سبب وسارڻ جون عادتون به وڌي ويون آهن، پر دوستن جون ڳالهيون کيس اڃا به ياد رهن ٿيون.

پهريون عشق: شانتي ڪرپالاڻي

روچي رام جي زندگيءَ جو ٻيو اهم باب ۽ سندس پهريون عشق آهي . ڪاليج جي ڏينهن ۾ جنم وٺندڙ هي محبت، ورهاڱي جي طوفان ۾ ٽٽي وئي، پر دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هميشه زنده رھي، هو ٻڌائي ٿو ته شانتي فزڪس جي شاگردياڻي هئي، جنهن جو حسن ۽ وقار ايترو ته دلڪش هو، جو جڏهن هوءَ ليبارٽري مان ڏاڪڻ تان لهندي هئي ته ڄڻ سڄي ڪائنات سمائجي ويندي هئي. سندس انداز، سندس شخصيت سڀ ڪجهه جادو جهڙو لڳندو هو، روچي رام ۽ سندس ٽي ساٿي ڪاليج جا ذهين ترين شاگرد شمار ٿيندا هئا، ۽ شانتي به انهن ۾ شامل هئي. آهستي آهستي نظرن جا سلسلا، مسڪراهٽون ۽ ننڍڙا واقعا محبت ۾ تبديل ٿي ويا، هڪ ڀيري زولاجي ليبارٽري ۾ ڏيڏر ڪٽڻ دوران اوچتو ڏيڏر جي حرڪت سبب روچي رام ڇرڪي پيو، جنهن تي شانتي کلڻ لڳي. اهو لمحو سندن ويجهڙائپ جو هڪ خوبصورت آغاز بڻيو.

ورهاڱو: محبت جو وڇوڙو

جڏهن سندن محبت پنهنجي عروج تي هئي، تڏهن 1947ع جو ورهاڱو ٿيو. شانتي جو خاندان هندستان لڏي ويو، ۽ روچي رام لاءِ هي لمحو زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ڌچڪو ثابت ٿيو، هو شانتي جي ڳولا ۾ ڪراچي بندرگاهه کان وٺي کوکراپار، جئپور، اجمير، بمبئي، احمدآباد ۽ پونا تائين پهتو ,جتي جتي شنارٿي پناهگير ڪيمپون هيون، اتي هن کيس ڳوليو. پر قسمت ساڻس ساٿ نه ڏنو ۽ آخرڪار مايوس ٿي واپس موٽي آيو.

 شانتي سان32 سالن بعد ملاقات

وقت گذرندو رهيو، پر يادون زنده رهيون. لڳ ڀڳ ٻٽيهه سالن بعد، جڏهن روچي رام پنجاهه سالن جو ٿي چڪو هو، تڏهن پانڊيچيري ۾ هڪ اتفاقي ملاقات دوران شانتي جي مامي سان سندس ملاقات ٿي، هن کيس ٻڌايو ته شانتي اڃا تائين زنده آهي ۽ ڪلڪتي ۾ رهندي آهي. پوءِ روچي رام ڪلڪتي ويو، جتي ڊگهي وڇوڙي بعد ٻنهي جي ملاقات ٿي. اهو لمحو جذبات، يادگيرين ۽ خاموش درد سان ڀرپور هو، شانتي ان وقت ڪينسر ۾ مبتلا هئي. جڏهن کيس شاديءَ جي صلاح ڏني وئي، ته هن وراڻيو.

“مان اڄ مران يا سڀاڻي، شادي نه ڪنديس.”

ڪجهه ڏينهن گڏ گذارڻ کانپوءِ، قسمت وري ٻنهي کي جدا ڪري ڇڏيو. ڪجهه سالن بعد شانتي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي.

قسمت جو فيصلو: لڪشمي سان شادي روچي رام پنهنجي شاديءَ بابت چوي ٿو ته لڪشمي اصل ۾ ڪنهن ٻي جي مڱ هئي، پر ورهاڱي سبب سندس قسمت بدلجي وئي. سندس خيال ۾، ڄڻ قسمت اڳواٽ ئي هن لاءِ اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو، سڱ پڪو ڪرڻ لاءِ مارواڙ جو ڀڳت سنتوڪ ناٿ ۽ مٺي جو مکي لکميچند کير کڻي آيا، ۽ اهڙي ريت هي شادي عمل ۾ آئي.

هو چوي ٿو: “لڪشمي منهنجي قسمت ۾ لکيل هئي. شايد ان لکي کي سچ ڪرڻ لاءِ ئي ورهاڱو ٿيو. جيڪڏهن ورهاڱو نه ٿئي ها، ته شايد لڪشمي ڪنهن ٻي جي ٿي وڃي ها..

 عشق، وڇوڙو ۽ نڀاءُ

ڪامريڊ روچي رام جي زندگيءَ جو هي داستان رڳو هڪ فرد جي ڪهاڻي ناهي، پر ان دور جي سماجي، سياسي ۽ انساني حالتن جو عڪس آهي. هڪ پاسي اڻپورو رهجي ويل عشق شانتي ۽ ٻئي پاسي نڀايل رشتو لڪشمي، هي ڪهاڻي ٻڌائي ٿي ته محبت هميشه حاصل ڪرڻ جو نالو ناهي، ڪڏهن ڪڏهن اها يادگيري بڻجي دل ۾ رهجي وڃي ٿي. جڏهن ته شادي، نڀاءُ ۽ ساٿ اهي وقت سان گڏ هڪ نئين معنيٰ اختيار ڪن ٿا، روچي رام جي زندگي، عشق جي شدت، وڇوڙي جو درد ۽ اتفاقي ساٿ جي خاموش عظمت جو هڪ زنده مثال آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں