ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي ڪهاڻي

فہرستِ مضامین

عامر  مغيري

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي 7 آڪٽوبر 1901ع تي ڳوٺ ’بکو ديرو‘ تعلقي ڏوڪريءَ ۾ جنم ورتو. ڪامريڊ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ورتي. جتان هن سنڌي ست درجا پڙهي فائنل جو امتحان سڄي سنڌ ۾ پهرئين نمبر سان پاس ڪيو. لاڙڪاڻي جي مدرسة الاسلام مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1927ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ بي. اي (آنرس) جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين. ان کان پوءِ عملي دنيا ۾ پير رکيائين 1931ع ۾ هيءُ بدين جو مختيارڪار ٿيو. نوڪريءَ دوران هي ڊگهڙي، ڏوڪري، گهوٽڪي، بدين، ميهڙ ۽ جيڪب آباد ۾ رهيو. سن 1943ع کان 1944ع تائين اسپيشل رڪوري آفيسر ڪو آپريٽو سوسائيٽيز هو. جتان کيس ڊپٽي ڪليڪٽر بڻايو ويو. آخرڪار عام ماڻهن سان ظلم ڏسي هن ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تان 1945 ع ۾ استعيفا ڏئي ڇڏي. هن پنهنجي باقي بچيل حياتيءَ  هارين ۽ مزدورن جي حقن لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ سنڌ هاري ڪميٽي  جي پليٽ فارم تان نه صرف سنڌ ۽ هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، پر بااثر وڏيرن ۽ جاگيردارن جي خلاف اليڪشن به وڙهي.

ڪامريڊ حيدربخش جتوئي استعفيٰ ڏيڻ جي فوري بعد جنوري 1946 ۽  ڊسمبر 1945 وارين چونڊين ۾ لاڙڪاڻي واري تڪ تان مقابلو ڪيو. جنهن تڪ جو نالو ”لاڙڪاڻو-ڏکڻ (مسلمان ٻهراڙِي)“ هيو. هن تڪ تان 1937 ع وارين عام چونڊن ۾ 4022 ووٽ کڻي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جو نواب امير علي خان لاهوري اليڪشن کٽي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو هيو. 1945/1946 وارين چونڊن ۾ به هن تَڪَ تان نواب لاهوري مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي کٽي ويو. ھن اليڪشن ۾ کيس ٽن اميدوارن سان مقابلو ڪرڻو پئجي ويو. هن اليڪشن ۾ نواب لاهوري 6093 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته سندس مقابلي ۾ رئيس حَسن علي خان اسراڻ 2939 ووٽ کڻي ٻئين نمبر ۽  ڪامريڊ حيدربخش  جتوئي 1388 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي رهيو. هي پهرين اليڪشن هئي، جنهن ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي اُن وقت سٺا ووٽ کنيا، جنهن ۾ عام عوام کي ووٽ ڏيڻ جو حق موجود نه هيو.

ڪامريڊ حيدربخش جتوئي  ڊسمبر 1946 ع ۾ ٿيندڙ سنڌ اسيمبلي جي ٽئين عام چونڊن ۾ بهرو ورتو. جنهن ۾ هو ٻيهر ”لاڙڪاڻو-ڏکڻ (مسلمان ٻهراڙِي)“ واري تَڪَ تان بيٺو. هن تَڪَ تي ووٽرن جو ڪل تعداد 22705 هيو. جنهن مان 11277 ووٽرن ووٽ ڪيو. جنهن سبب هن تڪ تي ووٽرن جي ٽرن آئوٽ جي شرح 49.7 سيڪڙو رهي. هن ڀيري هن تَڪَ تان قاضي فضل الله 8490 ووٽ کڻي ڪامياب رهيو. جڏهن ته ڪامريڊ حيدربخش جتوئي 2154 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو، جڏهن ته خانبهادر حسن علي خان اسراڻ ب صرف 145 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي رهيو.

ڪامريڊ حيدربخش جتوئي 1951 ع ۾ دادو واري خالي ٿيندڙ تڪ تان ننڍي چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو. تنهن وقت خانبهادر ايوب کهڙي پنهنجي سالي عبدالطيف پنهور کي بنا مقابلي کٽرائڻ لاءِ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي کي فارم جمع ڪرائڻ واري ڏينهن تي گرفتار ڪرائي تيسيتائين پوليس جي تحويل ۾ رکرايو، جيسيتائين ميجسٽريٽ سامهون فارم جمع ڪرائڻ جو وقت گذري نه ويو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي چوٿين چونڊن ۾ قمبر واري تَڪ تان نواب غيبي خان چانڊيو جي پٽ نواب محمد خان چانڊيو جي وفات ڪري وڃڻ کان پوءِ ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو ورتو. هن تڪَ تان نواب محمد خان چانڊيو ڪامياب ٿيندو رهندو هيو. مگر هو پنهنجي پيءُ نواب غيبي خان چانڊيو جي حياتيءَ ۾ ئي لاڏاڻو ڪري ويو هيو. 1953 واري  هن اليڪشن ۾ به نواب غيبي خان چانڊيو جو پوٽو نواب احمد سلطان چانڊيو اليڪشن کٽي ويو. جڏهن ته ڪامريڊ حيدربخش جتوئي اليڪشن هارائي ويو. هن چونڊن ۾ رسول بخش پليجي سميت ان وقت جي نوجوانن ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي ڀرپور ورڪ ڪئي ۽ ڪافي تڪليفن کي منهن پڻ ڏنو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں