ڪارساز سانحو دھشتگردي جو سڀ کان وڏو واقعو ھو، بينظير ڀٽو جو قتل ملڪ ۽ وفاق خلاف سازش ھئي: بلاول ڀٽو زرداري

فہرستِ مضامین

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تہ ڪارساز سانحو دھشتگردي جو سڀ کان وڏو واقعو ھو، بينظير ڀٽو جو قتل ملڪ ۽ وفاق خلاف سازش ھئي.

شاھراھ فيصل تي ڪارساز يادگار وٽ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ اڄ پ پ جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، جنھن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو.

پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ پاڪستان ۾ کوڙ سارا واقعا ٿيا، پر 18 آڪٽوبر ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو دهشتگردي وارو واقعو هو.

بلاول ڀٽو چيو تہ شهيد بي بي دهشتگردن سان وڙھندي شهيد ٿي وئي، شهيد بينظير ڀٽو هڪ اميد سان پاڪستان آئي هئي، 18 آڪٽوبر سانحي ۾ ڪارڪنن جي شهادت جي باوجود، بي بي نه ڊني ۽ پنهنجي جدوجهد جاري رکي.

هن چيو تہ پيپلز پارٽي اڃا تائين بي بي جي مشن کي اڳتي وڌائي رهي آهي، اسان پنهنجي اڳواڻن جي ويزن مطابق پاڪستان جي عوام جي خدمت جاري رکنداسين.

ڪارساز سانحو اڃا تائين اسان جي ذهنن ۾ تازي زخم جيان تازو آهي

بلاول ڀٽو چيو تہ ڪارساز سانحو اڃا تائين اسان جي ذهنن ۾ تازي زخم جيان تازو آهي.

هن چيو تہ 18 سال گذري ويا آهن، پر 177 کان وڌيڪ شهيدن جون قربانيون اسان کي هر روز جمهوريت جي دفاع جي ياد ڏيارين ٿيون.

بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ هي حملو آمريت ۽ دهشتگردي جي وچ ۾ هڪ منصوبابندي ڪيل سهڪار هو، پر قاتلن جو مقصد ناڪام ٿي ويو ۽ ملڪ ۾ شهيدن جي رت سان جمهوريت جو سج اڀريو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ “اچو ته اڄ عهد ڪريون ته ڪارساز جي شهيدن جي قربانين کي رائيگان نه وڃڻ ڏينداسين ۽ هر محاذ تي امن ۽ جمهوريت لاءِ وڙهندا رهنداسين.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں