لائیو ڪابل ۾ بارودي مواد جا ڌماڪا دھشتگرد پراڪسي جي استعمال ھيٺ ھٿيارن جي موجودگي ظاھر ڪن ٿا: اطلاعات کاتو

فہرستِ مضامین

اطلاعات واري وفاقي وزير چيو آهي تہ پاڪستان ڪابل ۽ ننگرھار ۾ افغان طالبان جي عسڪري تنصيبات کي انتهائي درستگي سان نشانو بڻايو آهي، تنهنڪري افغان طالبان رجيم جي ترجمان جو بيان ڪوڙو ۽ گمراهہ ڪندڙ آھي، جنھن کي رد ڪيون ٿا.

اطلاعات کاتي موجب طالبان رجيم جي نام نهاد ترجمان جي دعويٰ حقيقتن جي ابتڙ آهي ۽ ان جو مقصد عوامي راءِ کي گمراهہ ڪرڻ آهي۔

اطلاعات واري وزارت ٻڌايو تہ 16 مارچ جي رات پاڪستان ڪابل ۽ ننگرھار ۾ دهشتگردي جي معاون ڍانچي کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ ٽيڪنيڪي سامان جا ذخيرا ۽ هٿيارن سميت گولا بارود جا ذخيرا شامل هئا.

اطلاعات کاتي موجب پاڪستان جون ڪارروايون انتهائي درست ۽ محتاط هونديون آهن تہ جيئن ڪو بہ اضافي نقصان نہ ٿئي۔

وزارت وڌيڪ چيو تہ انهن هدفن کي منشيات بحالي مرڪز قرار ڏيڻ رڳو جذبات کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش آهي۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں