ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڦر ۽ فائرنگ جا واقعا سامهون آيا آهن، کارادر ۾ هٿياربندن ڪپڙي جي دڪان ۾ داخل ٿي رقم جي ڳولا ڪئي، پر پئسا نه ملڻ تي لکين رپين جو ڪپڙو کڻي فرار ٿي ويا، جڏهن ته شاهه لطيف ٽائون ۾ موبائل فون ڦريندڙ جوابدارن کان بچڻ لاءِ ڀڄندڙ 16 ورهين جو نوجوان فائرنگ جي زد ۾ اچي فوت ٿي ويو.
پوليس موجب ڪراچي جي علائقي کارادر ۾ 3 هٿياربند ڪپڙي جي دڪان ۾ داخل ٿيا ۽ رقم جي ڳولا ڪئي.
دڪان مان رقم نه ملڻ تي جوابدار لکين رپين جي ماليت جو ڪپڙو ڦري دڪان مان فرار ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته ٽنهي جوابدارن پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ ھيلمنٽ ۽ ماسڪ پاتل هئا.
واقعي بابت پوليس پاران ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ ٻين ذريعن جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
شاهه لطيف ٽائون ۾ ڦر کان بچڻ جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان مارجي ويو
ٻئي طرف ڪراچي جي شاهه لطيف ٽائون ۾ موبائل فون ڦرڻ لاءِ آيل جوابدارن کان بچڻ جي ڪوشش ڪندڙ 16 ورهين جو نوجوان فائرنگ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويو.
پوليس موجب نوجوان موبائل فون ڦريندڙ جوابدارن کان بچڻ لاءِ ڀڄي رهيو هو ته فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو گولين جو نشانو بڻجي ويو.
نوجوان جي فوت ٿيڻ کانپوءِ علائقي ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي، جڏهن ته پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.
ڪراچي ۾ هڪ ئي ڏينهن دوران ڦر ۽ فائرنگ جا اهي واقعا شهر ۾ امن امان ۽ شهرين جي تحفظ بابت هڪ ڀيرو ٻيهر سوال اٿاري رهيا آهن.