ڏھرڪي: سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي شھريار خان شر جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آھي.
سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر ۾ پ پ ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر تي حملي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنھن دوران شهريار شر، جهانگير خان، وڪيل قربان ملاڻو، نعمت شاهه ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.
عدالت شهريار خان شر ۽ سندس پٽ جهانگير خان شر جي عبوري ضمانت ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪندي ٻڌڻي 29 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ياد رھي تہ پيپلز پارٽي جي ايم ايم پي ڄام مھتاب ڏھرجي گاڏي تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو ھو، جنھن بعد ھُن پنھنجي جماعت جي اڳوڻي ايم پي اي شھريار خان شر ۽ سندس پٽ سميت ٻين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ھئي…