ڏکڻ وزيرستان ۾ خارجي دھشتگردن جي حملي ۾ مولانا حافظ سلطان محمد شھيد ٿي ويو.
مولانا حافظ سلمان محمد گذريل ڏينھن آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ زخمي ٿي پيو ھو.
دھشتگردن مولانا حافظ سلطان محمد ۽ سندس ڌيءَ کي وانا بازار ۾ مدرسي ويجھو نشانو بڻايو.
مولانا فضل الرحمان مولانا سلطان جي شھدادت تي ڏک جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارين کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي.
سندس چوڻ ھو تہ مولانا حافظ سلمان محمد جي وارثن، ڪارڪنن ۽ علائقي واسين سان تعزيت جو اظھار ڪريان ٿو. مولانا فضل الرحمان چيو تہ ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دھشتگردي جو وڌڻ افسوسناڪ آھي.