:.ڊبليو ٽي اين ڊاٽ ڪام سنڌي
ٽي-20 ورلڊ ڪپ 2026 ۾ ڏکڻ آفريڪا هٿان ٻن سپر اوورز تائين وڃڻ کانپوءِ آخري بال تي ملندڙ شڪست افغانستان جي سپر 8 ۾ پهچڻ جا امڪان لڳ ڀڳ ختم ڪري ڇڏيا آهن. ان شڪست کانپوءِ افغان ڪپتان راشد خان پنهنجي ٽيم جو حوصلو بلند رکڻ لاءِ انوکو انداز اختيار ڪيو آھي.
”ڪاوڙ گھٽائڻ لاءِ پشاوري کاڌا گهرايا“
دهليءَ ۾ يو اي اي (UAE) خلاف ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي راشد خان خوشگوار موڊ ۾ ٻڌايو ته ”اسان احمد آباد ۾ هئاسين ته مئنيجر کي چيو ته پشاوري کاڌا، دال بخارا، دال مکھڻي ۽ تندوري چڪن گهرايو ته جيئن اسان پنھنجي ڪاوڙ انهن کاڌن تي ڪڍي سگهون.“
راشد خان چيو ته هن پنهنجي رانديگرن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته شڪست جو ذميوار ڪنهن هڪ رانديگر کي نه بڻايو وڃي.
”ڪو به اهو نه چوي ته هن ائين ڪيو يا هن ائين ڪيو، ڇاڪاڻ ته ان سان ٽيم ۾ ناڪاري سوچ پيدا ٿيندي آهي. اسان سڀني ڪوشش ڪئي، پر رڳو اسان جي ٽيم هاري وئي. مان ڪپتان طور اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ نٿو چاهيان، اهو مون کي راند کان وڌيڪ ڏک پهچائيندو.“
وانکڙي اسٽيڊيم جي ياد تازي

هُن ھِن شڪست جو مقابلو 2023 جي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا هٿان ملندڙ شڪست سان ڪيو. راشد چيو ته، ”اهو تمام گهڻو ڏکيو هوندو آهي جڏهن جيت توهان جي هٿ ۾ هجي ۽ اوچتو نڪري وڃي. ممبئي واري ميچ تڏھن ئي منهنجي ذهن مان نڪتي جڏھن اسان 2024 ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏني.“
سيمي فائنلسٽ ٽيم لاءِ اڳتي جو رستو ڏکيو؟
2024 جي سيمي فائنلسٽ افغانستان لاءِ هاڻي اڳتي وڌڻ معجزي کان گهٽ ناهي. کين نه صرف يو اي اي ۽ ڪينيڊا کي وڏي مارجن سان شڪست ڏيڻي پوندي، پر اها دعا به ڪرڻي پوندي ته يو اي اي ڏکڻ آفريڪا کي ۽ ڪينيڊا نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي.
راشد خان چيو ته، ”هڪ ڏيڍ سال جي محنت ڪڏھن ڪڏھن ضايع ويندي نظر ايندي آهي، پر اسان کي پنهنجو ڪنڌ مٿي رکڻو پوندو. جيڪڏهن اسان همت هاري ويٺاسين ته ٻه سال پوئتي هليا وينداسين.“
شهرت سبب دهليءَ جي گهٽين ۾ گهمڻ مشڪل
جڏهن مقامي صحافين راشد کي دهليءَ جي علائقي ’لاجپت نگر‘ وڃڻ جو مشورو ڏنو (جتي افغان برادري وڏي انگ ۾ رهي ٿي)، ته هن کلي چيو ته، ”اڳي جڏھن اسان گهڻو مشهور نه هئاسين ته اتي ويندا هئاسين، پر هاڻي شهرت سبب اتي وڃڻ ٿورو مشڪل ٿي ويو آهي.“