ڏوھارين وٽ ٻہ رستا آهن، سرينڊر ڪن يا وري انجام تي پهچن: گھرو وزير

فہرستِ مضامین

ڪراچي : سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي تہ سنڌ پوليس ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تحت وڏين ڪاميابيون ماڻيون آهن ۽ هاڻ ڏوھارين وٽ ٻہ رستا آهن، سرينڊر ڪن يا وري انجام تي پهچن.

سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ضياءُ الحسن لنجار چيو تہ 15 ڊسمبر تي گهوٽڪي جي بارڊر ايريا ۾ صادق آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ ڪوچ جي 14 مسافرن کي اغوا ڪيو ويو هو، سنڌ پوليس فوري طور ڪارروائي ڪندي رينجرز ۽ پنجاب حڪومت جي سهڪار سان گڏيل آپريشن ذريعي سڀني مغوين کي سان بازياب ڪرايو، جڏھن تہ هڪ ڄڻو اغوا دوران دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

هن چيو تہ آپريشن دوران ڌاڙيلن جا ڪيترائي ڳجها ٺڪاڻا تباهہ ڪيا ويا ۽ ڪيترائي خطرناڪ جوابدار ماريا ويا، ڌاڙيلن جي قبضي مان جديد هٿيار بہ ھٿ آيا.

ڪراچي ۾ ڀتي خوري بابت ضياءُ الحسن لنجار چيو ته 5 وڏا نيٽ ورڪ ٻاھرين ملڪ کان سرگرم هئا، جن خلاف ڪارروائي ۾ 32 جوابدار گرفتار، 7 زخمي ۽ هڪ مارجي ويو.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو تہ ڀتي خوري جي نيٽ ورڪس خلاف قانوني دائري ۾ رھندي ڀرپور ڪارروايون جاري آهن ۽ سنڌ ۾ ڏوھارين لاءِ ڪا جاءِ ناهي.

اي چالان جي ڏنڊ ۾ گھٽتائي جو اشارو

گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار اي چالان جي ڏنڊ ۾ گهٽتائي جو اشارو ڏيندي چيو آھي تہ ٽريفڪ قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي تي رعايت نہ ڏيڻ جو فيصلو اصولي آهي، ٽريفڪ سنگل ۽ ون وي جي ڀڃڪڙي تي معافي ناهي پر ٻين ڀڃڪڙين تي نرمي ڪنداسين، انھي حوالي سان اپوزيشن ميمبرن کي ھفتي ۾ تجويزون ڏيڻ جو چيو آھي.

صوبائي وزير چيو تہ موٽرسائيڪل ۽ ڪار سوارن کي رعايت ملندي پر ون وي جي ڀڃڪڙي تي لاڳو ڏنڊ برقرار رھندو……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں