آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف جنگ ۾ مونجھارن جو شڪار آھي، سندس منجھيل ڳالھين توڙي ڌمڪين سبب آمريڪي بہ پريشاني جو شڪار آھن.
هڪ پاسي ايران آهي ته ٻئي پاسي اسرائيل ۽ آمريڪا، جنگ جو 14هون ڏينهن آهي ۽ ٽنهي ملڪن جي اڳواڻن طرفان جنگ جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تهران خلاف نئين ڌمڪي ڏني آهي۔
ٽرمپ پنھنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پوسٽ ڪئي تہ“اڄ انهن سان جيڪو ٿيڻ وارو آهي، اهو ڏسو”
هن وڌيڪ چيو ته “ايراني بحريه ختم ٿي چڪي آهي، ان جي فضائيه هاڻي موجود ناهي، ميزائل، ڊرون ۽ باقي سڀ ڪجهه تباهه ڪيو ويو آهي ۽ انهن جا اڳواڻ ڌرتيءَ تان مٽايا ويا آهن.”
آمريڪي صدر وڌيڪ لکيو تہ هو 47 سالن کان سڄي دنيا ۾ بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪري رهيا هئا ۽ هاڻي مان آمريڪا جي 47هين صدر جي حيثيت سان انهن کي ختم ڪري رهيو آهيان.”
ٽرمپ پنهنجي اڳوڻي بيان ۾ به اها ڳالهه ورجائي چڪو هو ته سندس ملڪ ايران کي لڳ ڀڳ مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي ميزائلن، ڊرونز سان گڏوگڏ بحري ٻيڙي کي به تباهه ڪيو ويو آهي۔
تيار آھيون، قيمت ادا ڪرڻي پوندئو: ايران
ٻئي پاسي ايراني سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي چيئرمين علي لاريجاني اسرائيل ۽ آمريڪا ٻنهي کي ان جي قيمت چڪائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي۔
هن ٽوئيٽر تي پوسٽ ڪندي لکيو تہ ٽرمپ ٻيهر چوڻ شروع ڪيو آهي ته اسان کي هي جنگ جلد کٽڻي آهيپر جنگون شروع ڪرڻ آسان هونديون آهن، انهن جو خاتمو چند ٽوئيٽن سان نٿو ٿئي.”
هن وڌيڪ چيو تہاسان توهان کي ان وقت تائين نه ڇڏينداسين جيستائين توھان پنهنجي غلطي جو اعتراف نه ڪندا ۽ ان جي قيمت ادا نه ڪندا.”
واضح رهي ته ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبیٰ خامنہ اي گذريل خميس پنهنجي پهرين پيغام ۾ جنگ جاري رکڻ، ملڪ ۾ ٿيندڙ هلاڪتن جو “پلاند ۽ قصاص” وٺڻ ۽ “دشمن کي قيمت چڪائڻ” تي مجبور ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو هو۔
هن اهم سامونڊي رستي آبنائي هرمز کي مسلسل بند رکڻ جي هدايت پڻ جاري ڪئي آهي، جڏهن ته ايراني بحريه اعلان ڪيو آهي ته هو “سپريم ليڊر جي حڪمن” تي عمل ڪندي آبنائي جي بندش برقرار رکندي۔
گذريل مهيني 28 فيبروري کان وٺي، جڏهن اسرائيل ۽ آمريڪا ايران خلاف جنگ جو اعلان ڪيو، تڏهن کان ٻنهي ملڪن ايران جي اندر سوين فضائي حملا ڪيا آهن۔
گڏيل حملن جي نتيجي ۾ خاص طور تي جنگ جي پهرين ڏينهن، ڪيترائي سينيئر ايراني اڳواڻ
شھيد ٿيا۔ جن ۾ اڳوڻو سپريم ليڊر علي خامنہ اي، وزير دفاع ۽ پاسداران انقلاب جا ڪمانڊر پڻ شامل هئا۔