ڍاڪا : قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان ڀارتي پرڏيھي وزير جي ملاقات، جئي شنڪر پاڻ اچي ھٿ ملايو

فہرستِ مضامین

ڍاڪا : قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ڀارتي پرڏيھي وزير ملاقات ڪئي، جئي شنڪر پاڻ اچي اسپيڪر اياز صادق سان ھٿ ملايو.

ذريعن موجب بنگلاديش جي گادي واري شھر ڍاڪا ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ڀارت جي پرڏيھي وزير جئي شنڪر جي ملاقات ٿي، ٻنھي وچ ۾ ملاقات اڳوڻي وزيراعظم خالدہ ضياءُ جي وفات بعد اتي پھچڻ وقت ٿي.

ھي اھم ملاقات اڳوڻي بنگلاديشي وزيراعظم خالدہ ضياءُ جي رھائشگاھ تي ٿي، جتي ڀارتي پرڏيھي وزير پاڻ اچي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ھٿ ملايو ۽ ڳالھ ٻولھ ڪئي.

سردار اياز صادق بہ مسڪرائيندي ان کي جواب ڏنو، ٻنھي وچ ۾ ڪجھ منٽ ڳالھ ٻولھ دوران ھڪ ٻئي جي خيريت دريافت ڪئي.

واضح رھي تہ پاڪ ڀارت جنگ بعد اعليٰ سطح تي ٻنھي ملڪن جي اڳواڻن جي پھرين  ملاقات ٿي آھي……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں