ڊبليو ٽي اين جي لائيو پيج تي ڀليڪار:.
ڌاڙيلن جو پوليس چوڪي تي حملو
ڪنڌڪوٽ ويجھو ڏوھاري پوليس چوڪي تي حملو ڪري ھڪ پوليس اھلڪار کي اغوا ڪري ويا آھن. 15 کان وڌيڪ ڌاڙيلن قمبراڻي پوليس چوڪي تي حملو ڪيو، جنھن دوران اھلڪار فضل الرحمان کوسو کي اغوا ڪيو ويو.
پوليس موجب قمبراڻي چوڪي تي 4 اھلڪار مقرر ھئا، جن مان ھڪ کي اغوا ڪيو ويو. ٻئي پاسي اھلڪار جي اغوا بعد پوليس ڏوھارين خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آھي.
ڳڙھي خيري ويجھو حيدر شاھ پاڙي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پورھيت فوت ٿي ويو آھي. پوليس موجب برف جي ڪارخاني ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان واحد بخش لغاري فوت ٿي ويو. پوليس موجب نوجوان برف جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو ھو، ڪم دوران کيس ڪرنٽ لڳو.
درگاھ پير مھدي شاھ ۽ بکري شاھ پاڻي ھيٺ

نوشھرو فيروز ضلعي ۾ ڪچي جا وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا آھن، ڳوٺاڻن جي پنھنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ جاري آھي، ڪنڊيارو ڀرسان ڪچي جي بکري شھر کي ڏنل حفاظتي بند ٽٽڻ کانپوءِ درياھہ جو پاڻي ڳوٺن طرف وڌي رھيو آهي.
درياھ جو پاڻي ڪنڊيارو جي مشھور درگاھ ڳوٺ پير مهدي شاھ کي پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، ٻوڏ جو پاڻي اچڻ سبب علائقي واسي لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا .
درگاھ پير مهدي شاه جي ٻڏڻ کانپوءِ بکري ۽ ٻيا بہ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو وڌي ويو آھي.
علائقي واسين جو چوڻ آهي تہ درياھي پاڻي هاڻي ڳوٺن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي رهيو آهي، جنهن ڪري علائقي واسي پريشان آهن.
گذريل ڏينهن ڪنڊيارو جي ڪچي واري علائقي جي قديم بکري شھر کي ڏنل بچاءُ بند ٽٽي پيو هو، جنهن کانپوءِ درياھي پاڻي ڳوٺن طرف وڌي رهيو آهي.
نادر مگسي جو سردار چانڊيو جي اھليت تي سوال
پيپلز پارٽي جي ايم پي اي نادر مگسي چيو آهي تہ سنڌو درياھ ۾ لاڙڪاڻي وٽان پاڻيءَ جو وڏو وھڪرو گذري رھيو آھي ۽ بندن تي دٻاءُ آھي، اميد آھي تہ پاڻي خيريت سان نڪري ويندو.

شهدادڪوٽ جي قمبر روڊ تي ھڪ تقريب جي افتتاح بعد ڊبليو ٽي اين نيوز سان ڳالھائيندي نادر مگسي چيو تہ سنڌ حڪومت جي بهتر پلاننگ سبب ٻوڏ جو پاڻي نڪري رھيو آھي ۽ ڪو وڏو نقصان نہ ٿيو آھي.
نادر مگسي چيو تہ موريا لوپ بند مان وڏو خطرو ھو، پر ھاڻي بند محفوظ آھي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ نادر مگسي چيو تہ تڪرارن جي سرپرستي ڪرڻ سان مسئلا حل نہ ٿيندا آھن، سردار خان چانڊيو منهنجو ڀائٽيو آهي پر هو پنهنجي برادري جا مسئلا بہ حل نہ ٿو ڪري سگهي.
نادر مگسي چيو تہ چانڊين ۾پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جيڪا ڌر مون وٽ آهي ان کي ڳالهين لاءِ وٺي اچڻ لاء تيار آهيان، سردار خان چانڊيو بہ پنهنجي ڌر کي راضي ڪري، ڪنهن جي ڌر ٿيڻ سان مسئلا وڌندا آھن حل نہ ٿيندا آھن.
ھن چيو تہ شهدادڪوٽ شهر ۾ صفائي سٿرائي سميت ڪيترائي مسئلا آھن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهر لاء خاص پيڪيج ڏنو آهي، جنهن سان ڊرينيج سسٽم بهتر ڪيوويندو
سردار چانڊيو چيو تہ نادر مگسي واقعي منھنجو چاچو آھي وڏو آھي پر کيس معاملن جي خبر ئي نہ آھي، 5 ھزار رپين جي ڳالھ تان 2 ماڻھو ماريا ويا، خون ڪري آيل ماڻھن کي پناھ نہ ڏبي آھي…
شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 29 ھين ورسي،جونيئر ۽ بلاول جا پيغام
شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 29 ھين ورسي ملھائي وئي، پيپلزپارٽي ۽ پ پ شھيد ڀٽو پاران ورسي جي موقعي تي نئون ديرو ۽ ڳڙھي خدابخش ۾ ڌار ڌار تقريبون ڪوٺايون ويون، جڏھن تہ پ پ شھيد ڀٽو جي قافلن شھيدن جي مزار تي حاضري ڀري. پ پ پاران نئون ديرو ھائوس ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي.
ذوالفقار جونيئر فاطمہ ڀٽو سان گڏ جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو تہ اسان ٻوڏ متاثرن سان يڪجھتي لاءِ اڄ شھيد بابا جي ورسي تي ڪو بہ پروگرام نہ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، فلسطيني بہ اسان جيان يتيم آھن، سندن قربانين ۽ تڪليفن کي بہ ياد ڪيو وڃي
مرتضيٰ ڀٽو کي 20 سيپٽمبر 1996 تي ستر ڪلفٽن ويجھو ساٿين سميت گوليون ھڻي شھيد ڪيو ويو ھو
شھيد مرتضيٰ ڀٽو جو خواب اسان جو عزم آھي: بلاول

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شھيد مرتضيٰ ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آھي تہ 29 سال اڳ غير جمھوري قوتن ھڪ ڀٽو کي نشانو بڻائڻ لاءِ ٻئي ڀٽو جو رت وھايو
ايڪس تي پوسٽ ڪيل پنھنجي پيغام ۾ شھيد مرتضيٰ ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندي بلاول چيو تہ شھيد مرتضيٰ ڀٽو جو پاڪستان کي جمھوريت ۽ مساوات جو ماڳ بڻائڻ وارو خواب اسان جو عزم آھي.
گهوٽڪي: 2 نوجوانن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قومي شاھراھ بلاڪ
گهوٽڪي ويجهو ڪچي ۾ 2 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدار ھفتو گذرڻ باوجود گرفتار نہ ٿيڻ خلاف مقتولن جي وارثن ۽ علائقي واسين قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.
گهوٽڪي جي قومي شاهراه تي غلام رسول چاچڙ، عبدالرحيم چاچڙ، عبدالحليم چاچڙ، پرويز چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو تہ گهوٽڪي جي ڪچو ٻنڊي ون جي ٿاڻي جي حد ۾ سندن ٻن نوجوان ڀائرن عبدالهادي چاچڙ ۽ فياض چاچڙ کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ھو .
مظاھرين چيو تہ ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاء ڪا بہ ڪوشش نہ ورتي آهي ۽ جوابدار سر عام گهمي ڦري رهيا آهن.
هنن آء جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان فوري نوٽيس وٺي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

ڳوٺ فقير محمد چاچڙ ۾ ھٿياربندن ھفتو اڳ ٻن سڳن ڀائرن عبدالھادي چاچڙ ۽ فياض علي چاچڙ کي سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪري ڇڏيو ھو.
تلهار ۾ ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم
تلهار ۾ نوجوان کي مبينا طور منشيات ڪيس ۾ ڦاسائڻ تي عدالت تلھار ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ھڪ سب انسپيڪٽر سميت 7 اھلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.
علائقي واسين موجب تلھار پوليس وارڊ نمبر 5 جي رھواسي نوجوان عمران جت کي کنڀي مٿس 2500 گرام چرس جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ھو.
منشيات ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدار عمران جت جي ڀاءُ نياز جت واقعي خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي تہ سندس ڀاءُ وسيم ٽالپر قتل ڪيس جو شاھد آھي.
نياز جت موجب ايس ايڇ او غلام شبير عرف بشير احمد چانڊيو، علي شير چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار منهنجي ڀاءُ عمران جت کي شاھدي مٽائڻ لاءِ مختلف وقتن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهيا آهن.
ھن چيو تہ ڪيس تان ھٿ نہ کڻڻ تي ڀاءُ کي گذريل مھيني 18ھين تاريخ تي گھران کنڀي مٿس منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ 25 سئو گرام منشيات جي رڪوري ڏيکاري وئي.
فريادي جي درخواست تي عدالت تلهار ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد يعقوب جاکرو، بشير احمد چانڊيو، سب انسپيڪٽر ديدار سمون ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
الزامن ھيٺ آيل ايس ايڇ او محمد يعقوب جاکرو جو چوڻ آھي تہ عمران جت منشيات فروش آهي ۽ تلهار ٿاڻي تي مٿس 5 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن.
ھن چيو تہ اسان تي ايف آءِ آر داخل ڪرائيندڙ فريادي نياز جت تي بہ منشيات جو ڪيس داخل آهي، اسان تي داخل ڪرايل ڪيس ڪوڙو آهي، جنھن کي قانوني طريقي سان منھن ڏينداسين.