ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سنجھورو روڊ حادثي ۾ زخمي، چيف سيڪريٽري جو نوٽيس، آفيسرن کي بهتر طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت

فہرستِ مضامین

ڊبليو ٽي اين جي رپورٽر عبدالرحمان خاصخيلي موجب ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ سارا جاويد ۽ اي سي جويريه اشرف روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيون آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڊي سي سانگھڙ سارا جاويد ۽ اي سي سنجھورو جويريا اشرف گاڏيءَ ۾ سوار ٿي پوليو مھم جي نگراني لاءِ وڃي رھيون ھيون ته شاھپور چاڪر ويجھو اوچتو ھڪ ٻار سندن گاڏيءَ آڏو اچي ويو.

ٻار کي بچائڻ جي ڪوشش دوران ڊي سي ۽ اي سي جي گاڏي ھڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، حادثي ۾ ڊپٽي ڪمشنر سارا جاويد معمولي زخمي ٿي پئي، جڏھن ته اسسٽنٽ ڪمشنر جويريه اشرف کي مٿي ۾ ڌڪ لڳا آھن، حادثي ۾ ٻار  به زخمي ٿي پيو.

حادثي ۾ زخمي ٿيل ٻنھي عورت آفيسرز ۽ ٻار کي فوري طور نوابشاھه اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.

چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاھه حادثي تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي ٻنھي عورت آفيسرز جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو آھي.

چيف سيڪريٽري سنڌ زخمي آفيسرن کي بھترين طبي سھولتون فراھم ڪرڻ جون ھدايتون به جاري ڪيون آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں