سيالڪوٽ: دفاع واري وفاقي وزير خواجہ آصف چيو آهي تہ ڊي جي آءِ ايس پي آر پي ٽِي آءِ بابت محتاط ٻولي استعمال ڪئي، پر مونکي سر جو جواب پٿر سان ڏيڻ جي آزادي آھي.
سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالھيئندي وفاقي وزير چيو تہ منهنجي پنهنجي پارٽي بہ ماضي ۾ فوج تي کلي تنقيد ڪئي پر ڪڏھن بہ حد کان ڪراس نہ ڪيو.
دفاع واري وزير خواجہ آصف چيو تہ منهنجي پارٽي پي ٽي آءِ جي ابتڙ ڪڏھن بہ فوج تي تنقيد ڪرڻ وقت ريڊ لائن ڪراس نہ ڪئي، فوج تي حد کان وڌيڪ تنقيدون، رياستي ادارن کي فعال طور تي ڪمزور ڪري رھيون آهن.
هن چيو پي ٽي آءِ اڳواڻ دهشتگردي خلاف جاري آپريشن جي حمايت ڪندا آهن نہ ئي سيڪيورٽي اهلڪارن جي جنازن ۾ شرڪت ڪندا آهن، جيڪڏھن پي ٽي آءِ جا ميمبر دهشتگردي جي خلاف جنگ نٿا وڙھي سگهن تہ پوءِ اهو سڀ ڪجهہ اوھان کي ڇا ٻڌائين ٿا.
خواجہ آصف وڌيڪ الزام لڳايو تہ پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا مهم هلائيندي آهي، ڇا پي ٽي آءِ ڪڏھن پنهنجي صفن مان آن لائن بدسلوڪي جي مذمت ڪئي آهي.
هن چيو تہ هڪ شخص قومي سلامتي جي لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي، هن عمران خان تي اقتدار لاءِ سڀ يا ڪجهہ نہ هجڻ جو طريقو اپنائڻ جو الزام بہ لڳايو.
هن چيو تہ ڊي جي آءِ ايس پي آر پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ پي ٽي آءِ لاءِ “محتاط ٻولي” استعمال ڪئي، پر مون کي آزادي آهي تہ آئون سر جو جواب پٿر سان ڏيان۔
خواجہ آصف چيو تہ عمران خان جي ڀيڻ عليمہ خان غيرسياسي آهي، پر ھن ڀارتي ميڊيا تي جيڪا گفتگو ڪئي ڇا اھا ڪو محب وطن پاڪستاني ڪري سگھي ٿو؟