ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهہ کي عهدي تان هٽايو ويو

فہرستِ مضامین

ڪراچي: ڊي آءِ جي ٽريفڪ پير محمد شاهہ کي عهدي تان هٽايو ويو آهي۔

سنڌ پوليس پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پير محمد شاهہ جي جاءِ تي مظهر نواز شيخ کي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي۔

ذريعن دعويٰ ڪئي آھي تہ پير محمد شاهہ کي گل پلازا سانحي کانپوءِ ٽريفڪ جو مناسب انتظام نہ ڪرڻ سبب عهدي تان هٽايو ويو۔

ذريعن جو چوڻ آهي تہ گل پلازا ۾ باها لڳڻ کانپوءِ گل پلازا ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي هئي، جنهن سبب فائر بريگيڊ کي واقعي واري هنڌ تائين پهچڻ ۾ پڻ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو هو۔

ياد رھي تہ ڪجھ ڏينھن اڳ گل پلازہ ۾ پيش آيل باھ جي واقعي ۾ 79 ڄڻا فوت ٿي ويا ھئا….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں