ڊيل نہ ٿي تہ ايران لاءِ خراب ڏينھن ھوندو: ٽرمپ جي ڌمڪي

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ڊين ڪين بابت گردش ڪندڙ خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

آمريڪي صدر چيو تہ جنرل ڊينيل ڪين بابت خبرن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي تہ هو ايران خلاف جنگ جي حق ۾ ناھي، ٽرمپ انهن رپورٽن کي “فيڪ نيوز” قرار ڏيندي چيو تہ انهن ۾ ڪا بہ سچائي ناهي ۽ اهي سئو سيڪڙو غلط آهن.

صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو تہ ايران بابت فيصلو هو پاڻ ڪندو، سندس چوڻ هو تہ هو ايران سان معاهدي کي ترجيح ڏئي ٿو، پر جيڪڏھن معاهدو نہ ٿيو تہ ايران لاءِ اهو تمام خراب ڏينهن هوندو ۽ کيس سنگين نتيجن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

ياد رھي تہ ايراني جوھري پروگرام جي حوالي سان آمريڪا ۽ ايران جي وفدن وچ ۾ خميس جي ڏينھن اھم ملاقات ٿيندي.

جنیوا ۾ ٿيندڙ ان ملاقات ۾ آمريڪا جي نمائندگي اسٽيـو وِٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر ڪندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں