بلوچستان جي ضلعي ڊيرا بگٽي ۾ ڳجھي اطلاع تي آپريشن دوران فتنہ الخوارج هندستان جا 5 دهشتگرد مارجي ويا
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٿاڪن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارودي مواد ھٿ ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دھشتگرد علائقي ۾ ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا، جڏھن تہ امڪاني دھشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آھي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي تہ دهشتگرديءَ خلاف مهم پوري طاقت سان جاري رھندي، ملڪ مان پرڏيھي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دھشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويند….