ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس موبائل تي حملو، 3 اھلڪار شھيد

فہرستِ مضامین

خيبر پختونخوا جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس موبائل تي ڌماڪي ۽ فائرنگ سبب 3  پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آھن.

پوليس موجب پنيالہ پوليس اسٽيشن جي حدن ۾ پوليس موبائل تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڌماڪي ۽ فائرنگ سبب 3 اهلڪار شهيد ٿي ويا

پوليس موجب شهيدن ۾ اي ايس آءِ، ڪانسٽيبَل ۽ ڊرائيور شامل آهن، جڏهن ⁠تہ هڪ اھلڪار محفوظ رھيو

پوليس موجب ڊي ايس پي پناليہ ۽ ايس ايڇ او موقعي تي پھچي علائقي جي ناڪابندي ڪري ڇڏي آھي.

ياد رھي تہ گذريل ڏينھن خيبرپختونخوا جي ضلعي بنون ۾ ميرانشاھ روڊ تي دھشتگردن جي حملي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اتر وزيرستان شاھ ولي سميت 4 ڄڻا شھيد ٿيا ھئا، جڏھن تہ 2 اھلڪار زخمي ٿيا ھئا.

ان کان اڳ ضلعي لڪي مروت ۾ پوليس موبائل تي آپگھاتي حملي ۾ ھڪ اھلڪار شھيد ۽ 5 زخمي ٿيا ھئا …

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں